نيويارڪ(م ڊ) آمريڪا ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير حسين حقاني چيو آهي ته عمران خان ڪنن جو ڪچو آهي،مان لابسٽ ناهيان،لابسٽ هجان ها ته پي ٽي آءِ کان پئسو وٺي انهن لاءِ آمريڪا ۾ ڪم ڪريان ها،هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته سوال اهو آهي ته اڳوڻي دور ۾ ٽرمپ ڪنهن شخصيت لاءِ دٻاءُ وڌو هجي؟ افغانستان مان آمريڪي فوج وڃي چڪي آهي،ان حوالي سان ان کي پاڪستان جي ضرورت ناهي، آمريڪا پاڪستان لاءِ هن سال 45 ملين ڊالر امداد رکي آهي،هن چيو ته ٽرمپ بابت اميدون حقيقت پسنداڻيون ناهن،ذلفي بخاري ۽ آمريڪا ۾ پي ٽي آءِ گهڻو خرچ ڪري رهي آهي، اهو ٿي سگهي ٿو ته ٽرمپ عمران خان ۽ پاڪستان ۾ ارباب اختيار وچ ۾ ڪا ڊيل ڪرائي ڇڏي، ٽرمپ پاڪستان بابت ڪو بيان ناهي ڏنو، هن جي ترجيحن ۾ پاڪستان يا عمران خان ناهي،هن چيو ته ٽرمپ رڳو پنهنجا۽ آمريڪا فائدا ڏسندو آهي،پي ٽي آءِ کي وضاحت ڏيڻي پوندي ته عمران خان جي آزادي ۾ ٽرمپ جو ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ هن چيو ته پاڪستان جو نظام هلائيندڙن کي ٿڌي دماغ سان چپ ڪري ويهڻ گهرجي،هن چيو ته پاڪستان جي ايٽمي اثاثن بابت آمريڪا ۾ بيچيني ناهي،چين جي معاملي تي آمريڪا سڀني تي دٻاءُ وجهندو آهي،پاڪ چين قربتن تي دٻاءُ ايندو،افغانستان ۾ داعش دائرو وڌائي رهي آهي، ٽرمپ ان کي ترجيح ڏني ته پوءِ پاڪستان جي اهميت وڌي سگهي ٿي،پاڪستان جي ڪمزور سويلين حڪمرانن سان ڳالهيون نه ٿينديون،اهي اسٽيبلشمينٽ سان ئي ڳالهيون ڪندا، ٽرمپ ٻين ملڪن جي معاملن ۾ مداخلت تي يقين ناهي رکندو، جمهوريت جي حوالي سان هو پاڪستان بابت بيان نه ڏيندو.