ڪراچي (رپورٽر) باڪو آذربائيجان ۾ گڏيل قومن جي موسمياتي تبديلي ڪانفرنس ڪوپ 29 ٿيڻي آهي جنهن کان اڳ گيس منصوبن جي منظوري خلاف عالمي سطح تي احتجاج ڪيو پيو وڃي. ابراهيم حيدري ۾ سوين عورتن ۽ مرد مهاڻن ڄاموٽ جيٽي کان سمنڊ طرف ٻيڙين جي احتجاجي ريلي ڪڍي. اهڙيون ريليون ڀارت، بنگلاديش ۽ انڊونيشيا ۾ به ڪڍيون پيون وڃن. ماحولياتي تحفظ لاءِ احتجاج ذريعي ڪوپ 29 ۾ شرڪت ڪندڙ عالمي اڳواڻن کي فوسل گيس ۾ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري جي خطرن بابت پيغام ڏنو پيو وڃي. ريلي کي خطاب ڪندي فشر فوڪ فورم جي جنرل سيڪريٽري سعيد بلوچ چيو ته فوسل گيس ۾ سيڙپڪاري انسانن ۽ ڌرتي ٻنهي کي خطري ۾ وجهي ٿو اهو ڪوپ 28 ۾ فوسل فيول بابت ٿيل واعدي جي ابتڙ به آهي. عالمي اڳواڻ صحت، زندگين، ماحولياتي، ايندڙ نسلن تي فوسل گيس جي هاڃيڪار اثرن کي نظرانداز نٿا ڪري سگهن ان لاءِ قابل تجديد توانائي ۾ سيڙپڪاري ڪئي وڃي. هن امير ملڪن ۽ وڏين بينڪن پاران فوسل گيس ۾ سهڪار تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اسان جيواشيم ٻارڻ کي رد ڪريون ٿا. جيواشم ٻارڻ بدران هر هڪ ڊالر شمسي ۽ هوا جي توانائي جهڙن منصوبن ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو. هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جي وائيس چيئرپرسن قاضي خضر چيو ته فوسل گيس جي پکيڙ صحت، ماحوليات ۽ آب هوا لاءِ خطرو آهي، اهڙين سائيٽس ويجهو آبادين ۾ ساهه ۽ دل جي مرضن ۾ تيزي سان واڌ ٿئي ٿي، ٻار توڻي پوڙها سڀ متاثر ٿين ٿا. پاڪستان فشر فوڪ فورم جي سينيئر وائيس چيئرپرسن فاطما مجيد چيو ته ايشيا ۾ فوسل گيس جي منظوري عالمي موسمياتي هدفن کي نقصان رسائي ٿي ۽ پيرس معاهدي ذريعي مقرر ڪيل ڏيڍ ڊگري سينٽي گريڊ وارو هدف حاصل ڪرڻ جي اميد تي سوديبازي ڪري ٿي. گيس تي لاڳيتو سيڙپڪاري سڄي ايشيا کي موسمياتي خطرن ۾ گهيري ڇڏيندي. پاڪستان ۾ ماڻهو آب هوا جي تباهي جي خطرن سبب صحت، معاشي مسئلن جو شڪار آهن ۽ وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور آهن، ان جي قيمت ايندڙ نسلن کي به ادا ڪرڻي پوندي.