”حڪومت پنهنجي من پسند ججن کي نوازي رهي آهي“: سماجي ردعمل

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ جي ججن لاءِ مراعتن ۾ واڌ جي اعلان کانپوءِ سوشل ميڊيا تي وفاقي حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو آهي، الزام لڳايو ويو آهي ته حڪومت پنهنجي من پسند  ججن کي نوازي رهي آهي، سوشل ميڊيا تي صحافي غريده فاروقي لکيو ته هن ملڪ ۾ عجيب مذاق آهي. غريبن وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه ناهي، وچولي طبقي جون پگهارون نه ٿيون وڌن، ملڪ ۾ بيروزگاري وڌي رهي آهي، باصلاحيت نوجوانن وٽ روزگار ناهي، پر لڳ ڀڳ هر سال ججن جون پگهارون ۽ مراعتون لکين رپيا وڌي رهيون آهن!عدليه تي تنقيد ڪندي هن لکيو ته ”ڪنهن ۾ اخلاقي جرئت هئڻ گهرجي ته هو لکن جي اضافي کان انڪار ڪري، هڪ صارف لکيو ته پاڪستان اڳ ئي معاشي بحران جو شڪار آهي ۽ حڪومت ججن جي گهرن جي مسواڙ وڌائي رهي آهي، ۽ هڪ گهر جو ڪرايو 95 سيڪڙو پاڪستانين جي ماهوار پگهار کان وڌيڪ آهي، هن اهو به سوال ڪيو ته، ساڍا ٽي لک رپيا مسواڙ ڪير ٿو ڏئي؟ ججن کي مليل نون مراعتن ۽ ٻين الائونس جو ڳڻپ ڪندي عدنان عالم لکيو ته ان حساب سان جج جي ماهوار پگهار 20 لک رپيا کان وڌيڪ ٿيندي، صارف عابد چيما لکيو ته اهو به ان وقت ڪيو ويو جڏهن پاڪستاني شهري بدترين معاشي حالتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، هڪ ٻئي صارف لکيو ته ”الله بهتر ڄاڻي ٿو ته حڪومت جون ترجيحون ڪهڙيون آهن“.غريب غربت ۾ مرن، انهن کي ڪا پرواهه ناهي، پر اميرن کي نوازڻ جاري رکو، پوءِ ڀلي عوام جي وات مان گرهه کسي ڇونه ڏيڻو پوي؟.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.