عمران ۽ بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس آخري مرحلي ۾ داخل

راولپنڊي ( م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس گهرواري بشرا بي بي خلاف 190 ڪروڙ پائونڊ ريفرنس آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي، جتي صفائي واري وڪيل 35 شاهدن تي جرح مڪمل ڪري ورتي آهي. اڊيالا جيل ۾ احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.پي ٽي آءِ باني عمران خان کي عدالتي ڪمري ۾ پيش ڪيو ويو، جڏهن ته بشرا بي بي ٻڌڻي لاءِ اڊيالا جيل پهتي، ان موقعي تي عمران خان جي وڪيل ظهير عباس ۽ بشرا بي بي جي وڪيل عثمان گل  شاهدن تي جرح ڪئي. نيب پراسيڪيوٽر موقف اختيار ڪيو ته هو 190 ملين پائونڊ ريفرنس ۾ وڌيڪ ثبوت پيش ڪرڻ نٿا چاهين، جنهن تي عدالت عمران خان ۽ بشرا بي بي جي 342 هين بيان لاءِ 8 نومبر جي تاريخ مقرر ڪئي.8 نومبر تي عدالت عمران خان ۽ بشرا بي بي کي 342 بيان جا سوالنامي فراهم ڪندي.بعد ۾ احتساب عدالت 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي 8 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.