تازي قانون سازي کي ڪارو قرار ڏيندڙ رضا رباني نه وساري ته پ پ ڀاڱيوار آهي\ڪاشف سعيد

ڪراچي(رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير  ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي تھ ادارن وچ۾ ٽڪراءُ ملڪي مفاد ۾ ڪونهي، ڏنڊي جي زور تي من پسند قانون سازي ڪري ادارن جا هٿ پير ٻڌڻ جو عمل جمھوريت جي دعويدار پارٽين لاءِ ڳڻتي جوڳو آهي. هاڻوڪي قانون سازي کي پارلياماني تاريخ جو ڪارو ڏينهن قرار ڏيندڙ پ پ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني کي اهو هر گز وسارڻ نه گھرجي ته ان سڄي عمل ۾ بلاول سميت پ پ ڀاڱي ڀائيوار آهي، صرف بيان ڪافي ناھي ان کي پنھنجي پارٽي جي پاليسن تي به لب ڪشائي ڪرڻ گھرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.