گهوٽڪي جي وائيٽ ڪالر ڏوهارين ۽ سهولتڪارن جون لسٽون تيار

ميرپورماٿيلو (رپورٽ: خالد وسير) گهوٽڪي ضلعي ۾ ڪچي ۽ پڪي جي ڏوهارين جي وائيٽ ڪالر سھولتڪارن، پاٿاريدارن، منشيات فروشن، سماجي براين ۾ ملوث ماڻهن توڙي پوليس کاتي ۾ موجود  ڪارين رڍن جون لسٽون تيار ٿي ويون، ان سلسلي ۾ ايس ايس پي گهوٽڪي ڪارروائي لاءِ خصوصي ٽيم به جوڙي ڇڏي، جلد ڪارروائي شروع ٿيڻ جا امڪان آهن، ضلعي جي مختلف ٿاڻن گھوٽڪي، ميرپورماٿيلو، خانپورمهر، ڏھرڪي، جروار، رونتي، وسطي جيوڻ شاهه، ٻيلو ميرپور، يارولنڊ، ۽ اوٻاوڙي ٿاڻن جي حدن ۾ موجود ڪچي ۽ پڪي جي ڏوهارين جي وائيٽ ڪالر سھولتڪارن ۽ پاٿاريدارن جون لسٽون تيار ٿي ويون، پوليس ۾ موجود ڪاريون رڍون به لسٽن ۾ شامل آهن، لسٽون خفيه رکيون ويون آهن. ذريعن موجب پوليس ڪارواين کان اڳ ڳجهي معلومات ليڪ ڪندڙ پوليس کاتي ۾ موجود ڪارين رڍن ۽ پڪي تي موجود ڏوهارين جي سھولتڪاري ڪندڙ معزز بڻيل ماڻهن جي به نشاندهي ڪئي وئي آهي، روزاني عوامي آواز کي مليل ڳجهي رپورٽ موجب ايس ايڇ اوز پاران تيار ڪيل لسٽن ۾ منٿلي ڏيندڙ من پسند سھولتڪارن، منشيات فروشن ۽ جوارين کي بچايو ويو ۽ انهن جا نالا لسٽن ۾ شامل ناهن ڪيا ويا، ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي حدن ۾ سماجي براين ۾ ملوث توڙي ڏوهارين جي سھولتڪارن کي بچايو ويو آهي ۽ منٿلين عيوض کين اڳ جيان ڇوٽ ڏني وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.