شڪارپور/ ميان صاحب (نمائندن وٽان) ميان صاحب ٿاڻي جي حد ڳوٺ پير اوٺي ۾ گذريل رات دير سان ڪلر برادري جي ٻن ڌرين دين محمد ڪلر ۽ رتو ڪلر جي ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي خوني تڪرار دوران دوداپور ۾ رهندڙ ميان صاحب جي ڪلر برادري ۽ ڳوٺ پير اوٺي جي ڪلر برادري جي ڌرين جي ماڻهن وچ ۾ فائرنگ ٿي، جنهن بعد ميان صاحب پوليس پڻ پهتي، ڌرين وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران رتو ڪلر جي ڌر جو هڪ نوجوان شير علي پٽ علي شير ڪلر مارجي ويو، ميان صاحب پوليس ڪالهه صبح مارجي ويل نوجوان شير علي ڪلر جو لاش تحويل ۾ وٺي سلطان ڪوٽ سرڪاري اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ، ٻئي طرف ميان صاحب پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪيس مقتول جي وارثن جي اچڻ تي داخل ڪيو ويندو.