پني عاقل واسي نوجوان ڪراچي ۾گوليون هڻي قتل

پنوعاقل (رپورٽ: رستم انڍڙ)پني عاقل لڳ ڳوٺ قاسم انڍڙ جو رهواسي نوجوان زڪريا عرف لالو انڍڙ ولد دائود انڍڙ کي ڪراچي جي ڀينس ڪالوني واري علائقي ۾ اڻسڃاتل هٿياربندن گولين هڻي قتل ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ مقتول جي وارثن ٻڌايو ته موٽر سائيڪل تي سوار ٽن اڻ سڃاتل هٿياربندن رستو روڪي گوليون هڻي زخمي ڪيو ويو ھو ، نوجوان کي زخمي حالت ۾ جناح اسپتال ڪراچي نيو ويو جتي هن دم ڏنو، نوجوان جو مڙه قانوني ڪارروائي بعد هاليجوي شريف ۾آندو ويندو،  اسان جو پاڻ ۾ جهيڙو هلندڙ آهي زڪريا مٿان ٻن ڄڻن جو قتل ڪيس داخل ٿيل ھو.مقتول جي والد دائود انڍڙ وڌيڪ چيو ته خدشو آهي دشمني تحت پت کي قتل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.