ڪراچي( رپورٽ: ماريا اسماعيل) سنڌ هاءِ ڪورٽ موٽروي تي سهولتن جي ڪيس ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ منصوبا دير سان ڇو ٿا مڪمل ٿين ۽ موٽروي ڌار رستي تي ڇو نه ٿو ٺاهيو وڃي. سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس ظفر راجپوت تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ ايم نائن موٽروي تي سهولتون ڏيڻ جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ٿي .عدالت ايندڙ ٻڌڻي ٿي درخواست گذار جي وڪيل جي حاضري يقيني ٺاهڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 27 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .اسڪور ڪمپني جي وڪيل عمرسومري چيو ته پيٽرول پمپن ۽ ريسٽورنٽن کي اين ايچ اي اجازت نه ڏئي رهي آهي. اين ايڇ اي تحت سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ مختلف ڪمپنيون ڪم ڪري رهيون آهن. وڪيل چيو ته ايم نائن موٽروي تي 52هزار گاڏيون ۽ هيوي ٽريفڪ سفر ڪري رهي آهي، اين ايڇ اي عالمي معيار جا پيٽرول پمپ ۽ سهولتون فراهم ڪرڻ چاهي ٿي. اين ايڇ اي پاڻ ڪا به تعمير نه ڪندي آهي، تعميرات مختلف پرائيويٽ ادارا ڪندا آهن. درخواست ڏيندڙ ٽرمينل مالڪن کي اسان جي بس ٽرمينل تي اعتراض آهي ته ٽرمينل گرين بيلٽ ۾ واقع آهي. هن چيو ته انهن جو پنهنجو ٽرمينل غير قانوني آهي. جسٽس ظفر راجپوت چيو ته پنجاب ۾ موٽر وي ٺهي ٿو ته جي ٽي روڊ برقرار رکيو وڃي ٿو. سکر ملتان نيشنل هاءِ وي به برقرار آهي باقي ڪراچي-حيدرآباد هاءِ وي کي موٽر وي قرار ڏنو وڃي ٿو.عدالت چيو ته ڄامشورو کان سيوهڻ روڊ کي ٻٽو ڪرڻ ٻٽو ڪرڻ جو ڪم 10 سال گذرڻ باوجود مڪمل ناهي ٿي سگهيو. عدالت چيو ته اهو منصوبو ڪنهن ٻئي صوبي ۾ هجي ها ته هينئر تائين مڪمل ٿي چڪو هجي ها. وڪيل عمر سومرو چيو ته سنڌ جي نمائندگي ڪندڙ کي مان ڇا چوان. درخواست گذار چيو ته عدالت حڪم ڏنو ته گرين بيلٽ يا سروس روڊ تي ڪم شروع نه ٿيندو. سروس روڊ اڃا تعمير هيٺ آهي. سپريم ڪورٽ جو فيصلو آهي ته سروس روڊ يا گرين بيلٽ تي حددخليون نٿيون ٿي سگهن.