آمريڪا ۾ جڏهن به صدارتي چونڊون ٿينديون آهن ته اهي سڄي دنيا جي ملڪن ۽ عوام جي توجهه جو مرڪز بڻجي وينديون آهن، ڇاڪاڻ ته آمريڪا دنيا جو سپر پاور ملڪ آهي ۽ سپر پاور ملڪ هئڻ ناتي ان جي سامراجيت جو اثر سڄي دنيا تي هوندو آهي. پاڪستان دنيا جي انهن ملڪن مان هڪ آهي جيڪو آمريڪا جي بلاڪ ۾ رهندو آيو آهي جيتوڻيڪ پاڪستان کي سڀ کان اڳ ۾ دنيا جي تڏهوڪي ٻي وڏي طاقت روس تسليم ڪيو هو پر پاڪستان جيئن ته تازو هندستاني سيٽ اپ مان نڪري ڌار ملڪ بڻيو هو تنهن ڪري ان هندستان جي دوست ملڪ روس جي بلاڪ ۾ وڃڻ بدران آمريڪا جي بلاڪ ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو ۽ تاريخ ٻڌائي ٿي ته نئين ملڪ طور آمريڪا کان پهرين ٻن ارب روپين جي امداد به قائداعظم ئي آمريڪا کان ورتي هئي، ايئن پاڪستان پهرين ڏينهن کان آمريڪا جي بلاڪ ۾ رهڻ لڳو.
ملڪي تاريخ اهو به ٻڌائي ٿي ته پاڪستان اندر هر دور ۾ حڪومتون ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ توڙي مارشل لائن جي فيصلن ۾ به آمريڪا جو اهم ڪردار رهيو آهي. آمريڪا جي بلاڪ ۾ هئڻ ڪري پاڪستان جي پاليسين تي به آمريڪا جو سڌو ۽ طاقت ور حصو رهيو آهي، ان جو تازو ترين مثال ڊونلڊ ٽرمپ جو اهو بيان آهي جيڪو هن چونڊن کان اڳ ڏنو هو ته هو اقتدار ۾ ايندو ته پي ٽي آءِ جي اڳواڻ عمران خان کي آزاد ڪرائيندو تنهن ڪري پاڪستان ۾ اهو تاثر هو ته ڊونلڊ ٽرمپ کٽندو ته عمران خان آزاد ٿي ويندو، ان ڪري پي ٽي آءِ وارا ڊونلڊ ٽرمپ جي کٽڻ جا وڏا حامي به هيا ۽ سندس چونڊ کٽڻ تي هاڻي جشن به ملهائي رهيا آهن. جڏهن ته اها پي ٽي آءِ ئي هئي جيڪا پنهنجي حڪومت ڪيرائڻ جو ذميوار آمريڪا کي قرار ڏئي رهيا هيا ۽ سندن غلامي نه قبولڻ جا مزاحمتي نعرا هڻي رهيا هيا پر اڳتي هلي پي ٽي آءِ آمريڪا کان ئي اندروني طور مدد وٺندا رهيا آهن. اها صورت حال رڳو پي ٽي آءِ سان نه پر ملڪ جي هر اقتداري جماعت سان لاڳاپيل آهي ۽ هر اقتداري جماعت هتي طاقت جو سرچشمو آمريڪا کي ئي سمجهندي آهي.
مطلب ته اصولي طور تي آمريڪا کي پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي پر اهو ڪندو رهيو آهي. مالي طور تي به آمريڪا هر دور ۾ پاڪستان جي مدد ڪندو رهيو آهي تنهن ڪري پاڪستان به سندس مفادن جو خيال ڪندو رهيو آهي ائين افغانستان ۾ روسي انقلاب ختم ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي مدد ورتي وئي ۽ ملڪ اندر مذهبي ڌرين کي ضياء الحق جي مارشل لا جي دور ۾ طاقت ور بڻايو ويو وري جڏهن آمريڪا تي 2001 ۾ نائين اليون وارو حملو ٿيو ته تڏهن به دهشت گردي خلاف جنگ جي نالي ۾ پاڪستان ان جنگ ۾ آمريڪا جو اتحادي بڻيو. جيتوڻيڪ پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳا بنيادي آهن پر سندن هڪ ٻئي ۾ بي اعتمادي ۽ تڪرار به گڏو گڏ اڄ تائين هلندا رهيا آهن.هن وقت چين جي سي پيڪ معاهدي تي پڻ آمريڪا ۽ پاڪستان اندر شديد اختلاف آهن. گڏوگڏ آءِ ايم ايف سان مالياتي معاهدو به هلي رهيو آهي.
اهو سڄو پس منظر ٻڌائڻ جو مقصد اهو آهي ته آمريڪا ۾ ٿيل چونڊن جو تعلق رڳو آمريڪا ۽ اتان جي عوام جو ناهي پر ان جا سڌا ۽ اڻ سڌا اثر پاڪستان تي به پوندا ۽ سڄي دنيا تي پڻ . هن سال 2024 جي 5 نومبر واري صدارتي چونڊ ۾ ريپبلڪن پارٽي جي ڊونلڊ ٽرمپ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي عورت اميدوار ڪاملا هيرس کي واضح اڪثريت سان شڪست ڏئي ڇڏي آهي يعني هاڻي آمريڪا ۾ ڊيموڪريٽڪ جي نه پر ريپبليڪن پارٽي جي هوندي ۽ هاڻي صدر جوبائيڊن نه پر ڊونلڊ ٽرمپ هوندو جيڪو ٻيو ڀيرو آمريڪا جو صدر بڻيو آهي.
جو بائيڊن جيڪو ڊيموڪريٽڪ پارٽي جو صدر هو تنهن سڄو سال اسرائيل غزا جنگ جو اڻ سڌو ٻارڻ بڻيو هو. پر نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ چونڊ کٽڻ جي صورت ۾ پنهنجي پهرين تقرير ۾ ئي واضح ڪيو آهي ته هو ڪا نئين جنگ شروع نه ڪندو اڃان به پراڻيون جنگيون ختم ڪري ڇڏيندو. باوجود ان جي ته سندس پارٽي ماضي ۾ جنگيون ڪندي رهي آهي. عراق ۽ افغان جنگ ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽي ملوث رهي آهي پر اها سٺي ڳالهه چئبي ته ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي پهرين صدارتي دور ۾ وانگر هن نئين دور ۾ به اها خوش خبري ٻڌائي آهي ته هو جنگ ڏانهن نه ويندو، ۽ پراڻيون جنگيون ختم ڪندو.
هن دنيا کي واقعي به هر دور ۾ امن ئي گهربو آهي ۽ اها به حقيقت آهي ته اسان دنيا جي هر برائي جي جڙ آمريڪا کي سمجهندا رهيا آهيون. جنگيون به آمريڪا ڪرائيندو آهي ته انهن جو خاتمو به اهو ئي ڪري سگهي ٿو. اقوام متحده جو ادارو به حقيقت ۾ آمريڪا جو ئي ذيلي ادارو بڻيل آهي. پر جيڪڏهن ڊونلڊ ٽرمپ واقعي به جنگيون ختم ڪرائي ٿو ۽ دنيا کي امن ڏياري ٿو ته اسان ان بيان جي آجيان ڪنداسين ڇاڪاڻ ته اسان جنگين جي خلاف رهيا آهيون ۽ ان جي مخالفت ۾ ڪيترائي ايڊيٽوريل پڻ لکيا آهن.
سو ڊونلڊ ٽرمپ جيڪڏهن واقعي به اسرائيل، غزا جنگ جيڪا هڪ سال کان هلي رهي آهي تنهن کي ختم ڪري ٿو ته ان پاليسي کي واکاڻيو ويندو. ٽرمپ پنهنجي ڪالهه واري خطاب ۾اها به نئين ڳالهه ڪئي آهي ته آمريڪا کي پنهنجا ئي تيل جا ڪافي ذخيرا آهن تنهن ڪري اهو وچ اوڀر يا سعودي عرب ڏانهن هاڻي نه واجهائيندو. اها به حقيقت آهي ته جنگين سان آمريڪا جي معيشت تي خراب اثر پيا آهن تنهن ڪري آمريڪا اندر پڻ عوامي سطح تي جنگين خلاف راءِ عامه وڌندي رهي آهي جنهن جو اظهار 5 نومبر تي ٿيل صدارتي چونڊن ۾ آمريڪا جي عوام ووٽن سان ڪيو آهي.