بيشمار مسئلن جو واحد حل ميرٽ آهي

تحرير: ثاقب ابڙو

معاشري ۾ وڌندڙ مسئلن کي ڏسندي اسان کي سوال ڪرڻو آھي ته انھن جو حل آخر ڪٿي آھي؟ زندگيءَ ۾ جن مسئلن کي اسان ھزارين رڪاوٽن جي صورت ۾ سامھون ڏسون ٿا، انھن جو حل ڪٿي آھي؟ منھنجو خيال آھي ته ھڪ اھڙو واحد عمل آھي جيڪو انھن مسئلن کي حل ڪري سگھي ٿو، ۽ اھو آھي ميرٽ جو نفاذ يعني ”اھليت“ يا قابليت جي بنياد تي صحيح ماڻھوءَ کي صحيح ھنڌ تي مقرر ڪرڻ. اھليت کي اوليت ڏيڻ سان معاشري جي ڪيترن ئي مسئلن جو قدرتي طور تي حل نڪري ٿو. جيڪڏھن اھل ماڻھوءَ کي ئي نوڪري، مقرري، يا ترقي ملي ٿي ته اھو ان شعبي ۾ بھترين ڪارڪردگي ڏيکاري سگھي ٿو. مثال طور، اھليت جي بنياد تي مقرر ڪيل استاد قوم جي نئين نسل کي علم ۽ شعور ڏئي سگھن ٿا. اھڙي طرح، ٻين شعبن ۾ بھ اھل ماڻھو ميرٽ تي ڀرپور ڪم ڪن ٿا ۽ بھتر نتيجا ڏين ٿا. بدقسمتيءَ سان، پاڪستان ۾ ميرٽ جي لتاڙ سبب نوجوانن تي منفي اثر پئجي رھيا آھن. ڪيترائي قابل ۽ محنتي نوجوان ميرٽ جي بجاءِ سفارش ۽ سياسي اثر رسوخ جي ذريعي موقعا وڃائي رھيا آھن. نتيجي ۾، نوجوانن ۾ مايوسي، بي اعتمادي ۽ ذهني پريشاني وڌي رهي آھي. جڏھن ھڪ نوجوان ڏسي ٿو ته سندس سخت محنت ۽ قابليت جي باوجود انھن کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو ته ان جي ذاتي نشونما ۽ معاشرتي ترقيءَ تي منفي اثر پوي ٿو. اهو عمل لاتعلقي ۽ محروميءَ جو احساس پيدا ڪري ٿو ۽ ڪيترائي نوجوان موقعن جي اڻاٺ سبب پرڏيهه جا خواب اکين ۾ سانڍيندا ٿا وتن. اھو رڳو انفرادي نقصان نه پر ملڪي سطح تي صلاحيت ۽ قابليت جي زبردست گھاٽي جو سبب بڻجي ٿو. نوجوان نسل جو ٽيلينٽ ملڪ کان ٻاھر وڃڻ سان قومي ترقي تي منفي اثر پوي ٿو ۽ معاشري ۾ ترقيءَ جي رفتار سست ٿي وڃي ٿي. ميرٽ جي نفاذ کي يقيني بنائڻ لاءِ ھر شعبي ۾ شفاف ۽ واضع پاليسين جي ضرورت آھي. سرڪاري توڙي نجي ادارن ۾ اھليت جي بنياد تي ڀرتين ۽ ترقين جو نظام ٺاهيو وڃي. ان کان علاوه، احتساب جو نظام به لازمي آھي. جزا ۽ سزا کي يقيني بنائڻ کپي ته جيئن ڪو به ميرٽ کي نظرانداز نه ڪري سگھي. تعليم، صحت، پوليسنگ ۽ ٻين بنيادي شعبن ۾ ميرٽ جي پيروي ڪئي وڃي ته جيئن ھر فرد کي اھو يقين ٿئي ته سخت محنت ۽ اھليت جو نتيجو نيٺ ان جي حق ۾ نڪري ٿو.

خاص طور تي تعليم اھو شعبو آھي جنھن ۾ ميرٽ جي بنياد تي مقرريون مستقبل ۾ وڏا نتيجا ڏئي سگھن ٿيون. جيڪڏھن استاد ميرٽ جي بنياد تي مقرر ڪيا وڃن ۽ اھليت وارا ماڻھو ئي اڳتي آندا وڃن ته ھن معاشري کي بھتر انسان ملي سگھن ٿا. ان لاءِ تعليمي ادارن کي بھتر حڪمت عملي سان ميرٽ تي ڪم ڪرڻو پوندو. تعليم ادارن ۾ تعليم ۽ تربيت وارو قديم رواج ٻيھر متعارف ڪرائڻ جي اشد ضرورت آھي. ۽ اھڙو ئي عمل ھر سطح تي ضروري آھي، پر قيادت کي سڀ کان پھريان اھو اصول لاڳو ڪرڻو پوندو. جيڪڏھن مٿين سطح کان ميرٽ کي ترجيح ڏني وڃي ته ان جو اثر ھيٺين سطح تي به صاف نظر ايندو. پاڪستان ۾ سياستدان، وزير ۽ سرڪاري عملدار جيڪڏھن پاڻ ميرٽ تي ھلڻ شروع ڪن ته ان جو مثال سڀني لاءِ سبق ثابت ٿي سگھي ٿو. منھنجي راءِ آھي ته ميڊيا بلاخصوص اسانجا ٽي وي توڙِ اسٽيج ڊراما اسانجي سماجي روين ۽ سوچن تي وڏو اثر رکن ٿا ۽ اھي اھڙا پليٽ فارمز آھن جن وسيلي عوام کي معاشرتي ۽ سياسي شعور مهيا ڪري سگهجي ٿو. ميرٽ ۽ اھليت کي اهميت ڏيڻ لاءِ ميڊيا اھم ڪردار ادا ڪري سگھي ٿي. ميڊيا کي ميرٽ جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ خاص ڪوششون وٺڻ گھرجن. ٽي وي پروگرام، ٽاڪ شوز ۽ دستاويزي فلمون ميرٽ جي اهميت، ان جي کوٽ ۽ ان جا نوجوانن تي اثرن کي نمايان ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگھن ٿا. صحافين جو پڻ فرض آھي ته اھليت جي بنياد تي مقررين نه ٿيڻ ۽ ان جي کوٽ سان پيدا ٿيندڙ مسئلن تي قلم کڻندا رھن. تحقيقي مضمون، فيچر آرٽيڪلز ۽ انٽرويوز ذريعي اھڙن مسئلن کي ھڪ منظم ۽ باخبر انداز ۾ سامھون آڻجي. صحافت جي ذريعي نوجوانن ۾ اھو شعور پيدا ڪري سگھجي ٿو ته ميرٽ تي ڀاڙيندڙ معاشرو ڪيئن بھتر ترقي ڪري سگھي ٿو. ڊراما ۽ فلمون عام ماڻھوءَ جي سوچ ۽ عڪاسيءَ تي وڏو اثر وجھن ٿيون. ميرٽ جي موضوع تي ڊراما ۽ فلمن ذريعي نه صرف ان مسئلي جي اهميت کي سمجھائي سگھجي ٿو پر ان جي کوٽ سبب نوجوانن ۽ سماج تي ٿيندڙ نقصانن کي به اجاگر ڪري سگھجي ٿو. اھڙا ڊراما ۽ فلمون جن ۾ ميرٽ جي حمايت ۽ سفارش، رشتيداري، واسطيداري يا ناانصافي جي مخالفت نظر اچي، سماجي تبديلي آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگھن ٿا. ڊراما ۾ ڪردار اھڙن ماڻھن جا ڏيکاري سگھجن ٿا جيڪي اھليت جي بنياد تي معاشري ۾ مثبت تبديلي آڻڻ جو سبب بڻجن ٿا. اھي ڪردار نوجوانن لاءِ رول ماڊل بڻجي سگھن ٿا، ۽ انھن کي ميرٽ جي اصولن تي عمل ڪرڻ لاءِ متاثر ڪري سگھن ٿا. مثال طور، اھڙا ڪردار جيڪي محنت سان ڪاميابي ماڻين ٿا ۽ انھيءَ ڪاميابيءَ سان معاشرتي مسئلن کي بھترين طريقي سان حل ڪن ٿا، نوجوانن ۾ ميرٽ کي هٿي ڏيڻ جو سبب بڻجي سگھن ٿا.

ميڊيا جا ادارا تعليم ۽ تربيت لاءِ دستاويزي فلمون، شوز، ۽ ڊجيٽل مواد ذريعي نوجوانن کي اھليت ۽ ميرٽ جي اهميت تي رهنمائي ڏئي سگھن ٿا. انھن پروگرامن ذريعي ميرٽ جي اصولن تي عمل ڪرڻ جا مثال ۽ ان جا فائدا سمجهايا وڃن ۽ نوجوانن ۾ اھو ويساھ پيدا ڪيو وڃي ته ميرٽ جي بنياد تي محنت ڪندڙ ڪڏھن به مايوس نه ٿيندا آھن. جيڪڏھن اھليت کي ترجيح نه پر واحد رستو سمجھيو وڃي ته اڄ جا ڪيترائي مسئلا حل ٿي سگھن ٿا. جيئن شاعر چيو آھي:

زندگي مسئلا ھزار مگر،

مرڪ تنھنجي انھن جو حل آھي.

اھا مرڪ ميرٽ آھي، جيڪا ھر مسئلي کي حل ڪري سگھي ٿي. جيڪڏھن معاشري ۾ ميرٽ جو نفاذ ڪيو وڃي ته سماجي انصاف، اقتصادي استحڪام، ۽ امن پيدا ٿي سگھي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.