دنيا جي هر اک هن سال ٿيندڙ آمريڪي صدارتي چونڊن تي هئي ته هن ڀيري ڪير ٿو آمريڪي صدر ٿئي ڇو ته هڪ پاسي آمريڪي اسٽبليشمينٽ سان جهيڙو اٽڪائيندڙ ڊونلڊ ٽرمپ هو ته ٻئي پاسي ڪاملا هيرس جيڪا پڻ هڪ ڪاري نسل جي نمائندگي ڪندڙ عورت هئي جنهن صدارتي چونڊ لاءِ سخت مقابلو ڪيو پر ڏٺو وڃي ته جنهن حوالي سان چيو پئي ويو ته هن ڀيري ٻنهي اميدوارن ۾ سخت مقابلو آهي اتي ڊونلڊ ٽرمپ وڏي مارجن سان هيرس کي شڪست ڏني آهي.
ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي صدارتي چونڊون کٽي ورتيون آهن پر هن ڀيري ڪيترن ئي رياستن ۾ پولنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ به ووٽن جي ڳڻپ ۽ نتيجن جو سلسلو جاري رهيو آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ هن ڀيري ڪُل 538 اليڪٽورل ووٽن مان ريپبلڪن اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ 277 اليڪٽورل ووٽ حاصل ڪيا آهن جڏهن ته ڊيموڪريٽڪ اميدوار ڪملا هيرس 226 اليڪٽورل ووٽ حاصل ڪري سگهي آهي،واضع رهي ته چونڊن دوران ڪنهن به اميدوار کي کٽڻ لاءِ ڪل 538 مان گهٽ ۾ گهٽ 270 ووٽ گهربل هوندا آهن.
ٽرمپ جي ڪاميابي کانپوءِ پاڪستان ۾ به ڪجهه سياسي ڌريون خوشي جو اظهار ڪري رهيون آهن جن ۾ خاص حلقو پي ٽي آءِ وارن جي حمايت ڪندڙ ماڻهن جو آهن جنهن مان اهو صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته آمريڪا ۾ نئين صدر جي اچڻ يعني ٽرمپ جي اچڻ سان هن ڌر کي ڪجھه فائدو رسندو جنهن لاءِ تجزيا نگار به اهو چئي رهيا آهن ته شايد ٽرمپ جي کٽي اچڻ بعد عمران خان کي ڪو رليف ملي پوي بحرحال اهو سڀ قبل از وقت هوندو جو اسين اهڙي قسم جي ڳالهه ڪري سياسي ستارن جي گردش جو منهن موڙي سگهون اهو ايندڙ وقت تي ڇڏيون ٿا ڇو ته ٽرمپ آمريڪي صدارت جي ڪُرسي تي ته اچي ويو آهي ڏسجي ته ان جي اچڻ سان سياسي طور پنهنجي ملڪ لاءِ هوا ڪهڙي قسم جي گهُلڻ شروع ٿئي ٿي.
آمريڪا جو نئون صدر ڊونلڊ ٽرمپ ته بڻجي چڪو آهي جنهن لاءِ ڪافي تبصرا ٿيا هئا ته هن ڀيري ٽرمپ جي هارائڻ جا وڏا امڪان آهن پر اهي سڀ تبصرا ٽرمپ جي ڪاميابي سان ڌوڙ ٿي ويا آهن. هي آمريڪا ۾ 47هين صدر جي چونڊ هئي جنهن لاءِ 25 کان وڌيڪ رياستن ۾ پولنگ ٿي، هڪ پولنگ اسٽيشن جو نتيجو جلد اچي ويو هو،جنهن ۾ ڪملا ۽ ٽرمپ کي برابر ووٽ مليا هئا 6 مختلف ٽائيم زونز سبب آمريڪي رياستن ۾ ڌار ڌار وقت تي پولنگ جي پڄاڻي ٿيندي رهي،هن ڀيري 7 ڪروڙ 89 لک آمريڪي شهري پولنگ کان اڳ ووٽ ڪاسٽ ڪري چڪا هئا، ريپبلڪن اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ڊيموڪريٽ ڪملا هيرس ۾ سخت مقابلي جا امڪان هئا پر ٽرمپ جي وڏي ليڊ سان کٽي اچڻ جيڪري مقابلو هڪ پاسي ئي رهيو، ڪنهن به اُميدوار کي کٽڻ لاءِ اليڪٽورل ڪاليج جي ڪُل 538 مان گهٽ ۾ گهٽ 270 اليڪٽورل ووٽ گهربل هوندا آهن، انهن مان ريپبلڪن پارٽي وٽ 220 ۽ ڊيموڪريٽ وٽ 212 ووٽ پڪا هئا ۽ باقي 7 سوئنگ اسٽيٽس ڪنهن به اُميدوار جي ڪاميابي ۾ فيصلائتو ڪردار ادا ڪري پئي سگهيون،سوئنگ رياستن مان ٽرمپ ڪاميابي ماڻي اڳتي نڪري ويو آمريڪي ووٽر نمائندن جي ايوان جي 435 ميمبرز ۽ 34 سينيٽرز جي به چونڊ ٿي. ووٽنگ جي پڄاڻي کانپوءِ نتيجا آهستي آهستي ايندا رهيا ان ڳالهه جو صدارتي اميدوارن ۾ مقابلو ٿيو پر نتيجن جي اعلان ۾ ڪجهه ڏينهن به لڳي ويا.
آمريڪي ميڊيا موجب قومي سطح تي ڊونلڊ ٽرمپ جا 47 سيڪڙو ووٽر ۽ 48 سيڪڙو ڪملا هيرس جا حامي هئا پر انهن جي اڳڪٿي غلط ثابت ٿي.ان وقت ٻنهي اميدوارن پاران ڪاميابي جون دعوائون ڪيون. ايريزونا، جارجيا، مشي گن، نيواڊا، پينسلوينا، نارٿ ڪيرولينا ۽ وسڪانسن ۾ مجموعي اليڪٽورل ووٽن جو تعداد 66 آهي، آمريڪي صدارتي چونڊن دوران امن امان کي برقرار رکڻ ۽ اليڪشن عملي تي تشدد جي خدشن کي منهن ڏيڻ لاءِ سخت انتظام ڪيا ويا هئا.
آمريڪي رياست اوريگان، واشنگٽن ۽ نيواڊا ۾ نيشنل گارڊز کي فعال ڪيو ويو هو، جڏهن ايف بي آءِ طرفان به ڪمانڊ پوسٽ قائم ڪئي وئي هئي، هڪ ڳوٺ ڊڪسوائل نوچ جو نتيجو اچي ويو، جنهن ۾ ڪل ووٽس 6 مان 3 ٽرمپ ۽ 3 ڪملا کي مليا، ان موقعي تي پولنگ اسٽيشن تي ساز اڪارڊين به وڄايو ويو.
ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجو ووٽ فلوريڊا رياست ۾ زال ميلانيا سان گڏجي ڪاسٽ ڪيو هن ميڊيا سان ڳالهائيندي اهو چيو ته جيڪڏهن مشي گن مان کٽيو ته صدر ٿي ويندس، 95 سيڪڙو کٽڻ جي پڪ آهي، کٽي ويس ته آمريڪا کي نئين بلندين تي کڻي ويندس. هن چيو ته آئون پرڏيهين جي آمريڪا اچڻ جي نه پر غيرقانوني پرڏيهين جي اچڻ جو مخالف آهيان. هن اهو به چيو هو ته جيڪڏهن مون کي شڪست ملي ته مون کي پنهنجي حامين کي پرامن رهڻ جي هدايت ڪرڻ جي ضرورت ناهي. نائب صدارتي اميدوار جي ڊي وينس به ووٽ ڏنو. ٻئي طرف ڪملا هيرس هڪ هفتو اڳ پوسٽل ووٽ ڪاسٽ ڪيو هو. هن جو چوڻ آهي ته آمريڪي عوام نئين تاريخ رقم ڪري مون کي کٽرائيندا. مختلف رياستن ۾ ووٽنگ دوران مسئلا به پيش آيا، ايريزونا جي اپاچي ڪائونٽي ۾ ماڻهن کي ووٽنگ کان روڪڻ جون شڪايتون مليون، پينسلوانيا جي ڪيمبيا ڪائونٽي ۾ بيلٽ پيپر جي مسئلي جي ڪري نوان بيلٽ پيپر اماڻيا ويا. هڪ همراهه کي گن سان گڏ گرفتار ڪيو ويو. مختلف پولنگ اسٽيشنن تي بم جا اطلاع مليا جنهن ڪري حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا . انتظاميا موجب اهو پتو لڳايو پيو وڃي ته انهن بم اطلاعن ۾ روس جو هٿ ته نه آهي. پينسلوانيا ۾ هيرس جي حامين هڪ لک کان وڌيڪ در کڙڪائي عوام کي ووٽ ڏيڻ جي اپيل ڪئي. ٽرمپ ۽ هيرس کانسواءِ لبرٽيرين پارٽي جو چيز اوليور، آزاد اميدوار ڪورنيل ويسٽ، جان ايف ڪينيڊي جو ڀاڻيجو رابرٽ ڪينيڊي جونيئر ۽ گرين پارٽي جي جل اسٽين به صدارتي چونڊن ۾ اميدوار آهن. چونڊن جي درست اڳڪٿي ڪندڙ اڳواڻ ايلون لچ اڳڪٿي ڪئي آهي ته چونڊون ڪملا هيرس کٽيندي. هاڻ اسان جهڙن گورن جو وقت ختم ٿي رهيو آهي.
آمريڪا ۾ 100 ميمبرن واريءَ سينيٽ جي 34 سيٽن تي به چونڊون ٿيون انهن 34 منجهان ڪيترين سيٽن تي ممڪنا اميدوارن جي غير سرڪاري طور تي ڪاميابيءَ جا نتيجا سامهون آيا. جن مطابق، ريپبلڪن پارٽيءَ جي ٻن اميدوارن ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي اميدوارن تي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي.امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته 51 سيٽون ريپبلڪن پارٽيءَ کي ملي وينديون جنهن کان پوءِ سينيٽ تي انهن جو ڪنٽرول ٿي ويندو.
جيڪڏهن سڌي ريت ڏٺو وڃي ته آمريڪا جي صدارتي چونڊ بعد کٽي آيل ڊونلڊ ٽرمپ جي پاليسي پاڪستان بابت نرم رهي آهي جنهن ڪري ئي سياسي طور جيڪڏهن هو مداخلت ڪري ٿو ته اهو فائدو عمران خان کي ٿي سگهي پر جڏهن ڪالهه آمريڪا ۾ اهو اعلان ٿيو ته ٽرمپ صدارت جي چونڊ کٽي ويو آهي ته ان جي خوشي آمريڪا کان وڌ اسان کي پنهنجي ملڪ ۾ به ڏسڻ ۾ آئي جنهن ۾ سوشل ميڊيا تي مبارڪن جي ڀرمار شروع ٿي وئي هاڻي ڏسجي ته ان خوشي جو حقيقي جامو ڪير ٿو پهري يا اها خوشي بس وقتي طور ملي ختم ٿي ويندي.