جيڪب آباد(رپورٽ: سڪندر علي سرڪي ) جيڪب آباد ۾ وحشي جوابدارن هٿان اجتماعي زيادتي جي شڪار ڳورهاري عورت جي ڪيس ۾ وڌيڪ هڪ جوابدار ٺارو جکراڻي گرفتار ٿي ويو، جڏهن ته اڳ ۾ گرفتار ٿيل ٻن جوابدارن کي عدالت 7 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي، عدالتي حڪم تي جوابدارن جا ڊي اين اي لاءِ جزا به ورتا ويا، پوليس موجب ته اجتماعي زيادتي واري ڪيس ۾ جاچ هلندڙ آهي ٽئي جوابدار گرفتار ٿي چڪا آهن ڏوهه ۾ استعمال ٿيندڙ پسٽل هٿ ڪيا ويندا.
-
جيڪب آباد ۾ شاهده سرڪي سان زيادتي ۽ شاگردياڻي کي هيسائڻ خلاف ڌرڻو
جيڪب آباد (رپورٽ: حضور بخش سومرو)جيڪب آباد ۾ ھيومن رائٽس ۽ سوشل ميڊيا فورم طرفان شاھده سرڪي سان گينگ ريپ ۽ شاگردياڻي زاھد لاشاري کي تنگ ڪرڻ خلاف ھڪ مظاھرو شھيد الله بخش پارڪ کان معاويه بنگلاڻي، وقار کوکر، راحيل احمد منگي، عبدالقدير حنفي، تيمور شيخ، فاروق بروهي ۽ عاصم ويسر جي اڳواڻي ۾ ڪڍيو ويو. مظاهرين شھر جي مختلف رستن کان نعرا هڻندي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو.ان موقعي تي مقررن چيو ته شاھده سرڪي سان زيادتي جو واقعو انتهائي افسوسناڪ ۽ ناقابل برداشت آهي. هنن وڌيڪ چيو ته ڏهين جماعت جي طالبه هل زاهده لاشاري کي اوباش نوجوانن پاران تنگ ڪرڻ ۽ گهر تي موت مار ڌمڪيون ڏيڻ شرمناڪ عمل آهي. مظاهرين ايس ايس پي جيڪب آباد کان سڀني جوابدارن کي گرفتار ڪري سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.
-
جيڪب آباد ۾ پوليو ورڪر جي جوابدارن کي سزا ملي ها ته ٻيو واقعو نه ٿئي ها: وسند ٿري
ڪراچي/ ملير (پ_ر) سنڌ جي زمينن تي قبضن، ڇهه نون ڪينالن، سنڌو درياءَ جو پاڻي غيرملڪي ڪمپنين کي وڪرو ڪرڻ لاءِ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم، سرڪاري سرپرستي ۾ ڌاڙيل راڄ ۽ عورتن تي ٿيندڙ ظلم سميت سنڌ جي اهم مسئلن تي سنڌياڻي تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ طرفان 17 نومبر تي ڪراچي ۾ اعلانيل عظيم الشان ريلي جون تياريون جاري آهن، ان سلسلي ۾ اڳواڻن گهر گهر وڃي ريلي ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني، ٻي طرف جيڪب آباد ۾ عورت سان ٿيل اجتماعي زيادتي جي مذمت ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر دلدار لغاري ۽ حسنه راهوجو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته عورتن جا گينگ ريپ پيا ٿين، حڪومت ڪورٽن کي سوموٽو نوٽيس کان روڪي ڏوهارين جي سرپرستي ڪري رهي آهي، حڪومت جي عورت دشمن پاليسين سبب ڪارو ڪاري ۽ عورتن سان لڄالٽ سميت مختلف ڏوهن ۾ اضافو ٿيو آهي. جيڪب آباد جي پوليو ورڪر سان زيادتي ڪندڙ جوابدارن کي جيڪڏهن سزا ملي ها ته اڄ ساڳي ضلعي جي هڪ ٻي عورت سان زيادتي نه ٿئي ها.