خود اختياري حق: عالمي سياست جو طاقت ور اصول

تحرير: مشتاق ميراڻي

1شروعات:

ايوب کهڙي 19 جولاءِ 1933 ۾ برطانيه ۾ گول ميز ڪانفرنس جي ذيلي ڪميٽي ۾ سنڌ آزاد ڪانفرنس جي تاريخي نمائندا حيثيت سان سنڌ جو ڪيس پيش ڪندي واضح ڪيو هو ته اسان کي آزاد صوبو خود اختياري حق جي بنياد تي ڏيو؛ جيڪو ٻين قومن جيان اسان جو حق آهي. خود اختياري (يا خود مختياري) جو اصول ايڏو ته منجهيل ۽ خطرن سان ڀريل آهي، جو ان لاءِ آمريڪا جي ان وقت جي پرڏيهي وزير رابرٽ لانسنگ 1921 ۾ چيو ته خود اختياري جو اصول ”بارود سان ڀريل“ اصول آهي.

صدر ڪلنٽن 1999 ۾ ڪينيڊا جو دورو ڪيو ۽ ان دوري دوران ڪيوبيڪ ۾ تقرير ڪندي هُن چيو ته جيڪڏهن اسان هر قوم يا لساني/ نسلي گروھ کي خود مختياري جي اصول تحت عليحدگي جو حق ڏينداسين ته گهٽ ۾ گھٽ 800 کان وڌيڪ ملڪ دنيا ۾ ٺهي سگهن ٿا. هن وقت خود اختياري حق جي اصول تحت گڏيل قومن جا 193 ميمبر ملڪ آهن، جڏهن 1945 ۾ هن اداري جا صرف 51 ميمبر هئا. گڏيل قومن ۾ جتي چين جي 1.4 بلين آبادي وارو ملڪ ان جو ميمبر آهي ته اُتي مالديپ به ميمبر آهي جنهن جي آبادي 5 لک آهي ۽ ان کان به گهٽ آباديءَ جا به ڪيترائي ملڪ آهن.

دنيا ۾ هن وقت به ڪيتريون ئي قومون پُرامن ۽ ڪي هٿياربند جدوجهد جي ذريعي خود اختياري يا عليحدگي جي حق لاءِ وڙهي رهيون آهن. هن وقت ڪيوبيڪ (ڪينيڊا)، اسڪاٽ لينڊ (برطانيه)، چيچنيا (روس)، قتلونيه (اسپين)، روهنگيا مسلمان (ميانمار)، تبت ۽ اويغور (چين)، ابخازيا (جارجيا)، روسي لساني گروھ (يوڪرين) ترڪي، ايران ۽ عراق ۾ رهندڙ ڪُرد، ڪشمير، فلسطين ۽ ٻيون ننڍيون وڏيون تحريڪون حق خود اختياري يا عليحدگي لاءِ جدوجهد ڪري رهيون آهن.

مُناڪو مُلڪ جنهن جي آبادي هِن وقت 2024 ۾ تقريباً 38,631 آهي، اهو گڏيل قومن جو ميمبر ٿي سگهي ٿو، پر ڪُرد جن جي عراق ۾ 5.5 ملين آبادي، ايران ۾ 8.1 ملين آبادي ۽ ترڪي ۾ 14.7 ملين آبادي آهي، انهن کي گڏائي هڪ آزاد قوم جي حيثيت کي تسليم نه ٿو ڪيو وڃي. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته حق خود اختياري ڪيترو نه طاقتور سياسي اصول آهي، پر ان سان گڏ ڪيترو پُرتشدد، آبادي جي لڏ پلاڻ، انساني حقن جي ڀڃڪڙي ۽ قتلِ عام سان پڻ لاڳاپيل آهي.

خود مختياري جي وصف ۽ تشريح:

خود مختياري جو حق،(Right to Self-determination)  سياست جو طاقتور اصول آهي. هي اصول عالمي سطح تي تسليم ڪيل آهي. هن اصول مطابق ماڻهن کي اهو حق ملي ٿو ته اهي سياسي، معاشي، سماجي ۽ ثقافت جي شعبن ۾ پنهنجي مرضي هلائڻ جو حق رکن ٿا. خود مختياري جي اصول کي ٻن قسمن ۾ ورهايو ويو آهي.

1ملڪ جي اندر خود مختياري 2 ٻاهرين خود مختياري – (قومي خود مختياري)

1 ملڪ جي اندر خود مختياري:

ملڪ اندر خود مختياري جو حق ڪنهن به قوم لاءِ پنهنجي سرحد اندر آزاديءَ سان حڪومت هلائڻ جو حق ڏئي ٿو. جنهن ۾ چونڊ ذريعي جائز حڪومت قائم ڪرڻ، وسيلن کي عوام جي فائدي لاءِ استعمال ڪرڻ، جنهن کي معاشي خود مختياري چيو وڃي ٿو. پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت کي ترقي وٺرائڻ لاءِ آزاديءَ سان ڪم ڪرڻ جو حق آهي.

2 ٻاهرين خود مختياري (قومي خود مختياري)

هن قسم جي خود مختياري تحت پنهنجي عليحده رياست قائم ڪرڻ يا ٻي ملڪ جي غلاميءَ مان آزاد ٿيڻ جو حق مليل آهي ۽ عالمي برادريءَ سان گڏجي نه صرف پنهنجي رياست جي حقن جو تحفظ ڪرڻ، پر ٻين ملڪن سان سهڪار ڪري عالمي نظام ۾ امن، ڀائيچارو ۽ سهڪار ڪري سگهجي ٿو، پر ان سان گڏ ان قوم يا گروھ تي لازم آهي ته پنهنجي ملڪ ۾ رهندڙ اقليتن کي حق ڏئي کين ڀائيچاري سان پنهنجي ملڪ جي معاملن ۾ شريڪ ڪري ۽ ان جي سياسي، سماجي، معاشي ۽ ثقافتي حقن کي تسليم ڪري انهن جي قدرتي وسيلن کي انهن جي ڀلائي لاءِ ڪم آڻي، جيئن اصلوڪي ماڻهن جي حقن لاءِ گڏيل قومن جي پڌرنامي (2006) ۾ ٻڌايو ويو آهي.

  1. خود اختياري اصول جي تاريخ:

حق خود اختياري جو اصول 1860 جي ڏهاڪي ۾مشهور ٿيو. لينن مارڪسزم جي نظريي مطابق قومن جي خودمختياري جي اصول کي (1916) ۾ هٿي ڏني ۽ اُن بابت آمريڪا جي 28هين صدر ووڊرو ولسن 8 جنوري 1918 ۾ ڪانگريس جي گڏيل سيشن ۾ 14 نقطا پيش ڪيا، جنهن ۾ پنجين نقطي ۾ قومن جي آزادي جي دعوى کي قبول ڪيو ۽ پوءِ هُن، 11 فيبروري 1918 تي پنهنجي تقرير ۾ لفظ خودمختياري استعمال ڪيو. اڳتي هلي 1941 ۾ ايٽلانٽڪ چارٽر جي اٺن نقطن مان ٽئين نقطي ۾ هن اصول کي شامل ڪيو. 1945 ۾ اقوام متحده جي چارٽر کي بنيادي 51 ميمبر ملڪن 26 جون 1945 تي آرٽيڪل (1.2) ۾ خود اختياري جي اصول کي واضح نموني سان تسليم ڪيو.

حقِ خود اختياري اصول تي گڏيل قومن جا ڪيترائي ٺهراءُ ۽ پڌرناما خاص ڪري 1960 ۾ اقوامِ متحده جي جنرل اسيمبلي جي ٺهراءُ  1514 (XV) “Declaration on the granting of independence to colonial countries and people, known also as the declaration on decolonization”

کي منظور ڪيو ويو.

اقوامِ متحده جي چارٽر کي وڌيڪ سمجهاڻيءَ لاءِ 1966 ۾ ٻه عهدناما پڌرا ڪيا ويا، جنهن ۾ هڪڙو سول ۽ سياسي حق ۽ ٻيو معاشي، سماجي ۽ ثقافتي حق، ٻنهي عهدنامن جي آرٽيڪل هڪ ۾ قومن جي خود مختياري جي اصول کي وڌيڪ مڃتا ڏني وئي.

ان سان گڏ اصلوڪي ماڻهن جي حقن جي پڌرنامي ۾ (2006) (The Declaration on the rights of indigenous peoples) خود اختياري جو اصول به شامل ڪيو ويو.

4 عليحدگي جو حق ۽ خود مختياري:

جيئن ته خود مختياري جو حق سڀني قومن ۽ لساني گروهن کي اقوامِ متحده جي چارٽر جي آرٽيڪل 1.2 ۾ مليل آهي، پر عليحدگي جو حق تمام گهڻو تڪرار جي ذمري ۾ اچي ٿو. يقينن ڪنهن ملڪ ۾ اقليت يا لساني گروھ کي خود مختياري جو حق ته مليل آهي، پر ڇا انهن کي اِهو عليحدگي جو حق به ڏئي سگهجي ٿو. اِهو نقطو عالمي سياست ۾ تمام گهڻو بحث هيٺ ايندو رهي ٿو. ڇاڪاڻ ته هن اصول تي عمل وڏين طاقتن جي مفادن سان جڙيل آهي. جنهن کي اسان ‘ريئل پاليٽڪس’ چوندا آهيون.

مثلاً انڊونيشيا ۾ ايسٽ تيمور کي ته عالمي طاقتن عليحدگي جو حق ته ڏياريو، پرAceh  کي انڊونيشيا ۾ وڌيڪ خود مختياري ڏياري. ساڳي نموني تُرڪ قبرس آزاديءَ جو اعلان ڪيو. ان کي صرف ترڪيءَ تسليم ڪيو. باقي ڪن به ٻين ملڪن ان جي آزاديءَ کي تسليم نه ڪيو ۽ نه ئي هُو اقوامِ متحده جو ميمبر ٿي سگهيو آهي. چيڪوسلاويڪ ۾ سلاوڪ علائقي بنا تشدد واري تحريڪ سان آزادي ورتي، پر فلسطينن جي مڪمل آزادي تسليم نه ڪئي وئي آهي. جيتوڻيڪ ڪيترن ئي ملڪن ان جي خود مختياري جي حق کي تسليم ڪيو آهي. ايتري قدر جو اقوامِ متحده ۾ ان جو خاص مقام آهي، پر مڪمل ميمبر ٿي نه سگهيو آهي.

ٻيا ڪيترائي مثال آهن، جهڙوڪ؛ برطانيه ۾ اسڪاٽ لينڊ پنهنجي آزاديءَ لاءِ 18 سيپٽمبر 2014 تي راءِ شماري ڪرائي وئي، پر آزادي جي سوال تي هن کي اڪثريت نه ملي. ساڳي طريقي سان ڪينيڊا ۾ ڪيوبڪ صوبو عليحدگي لاءِ تمام گهڻي ڪوشش ڪري ٿو، پر سال 1980 ۾ پهرين راءِ شماري ۾ عليحدگيءَ لاءِ صرف 40 سيڪڙو ووٽ مليا. جڏهن ته ٻيو ڀيرو راءِ شماري 1995 ۾ ٿي جنهن ۾ 49.4 سيڪڙو ووٽ مليا. عالمي سطح تي ‘ريئل پاليٽڪس’ ۾ عليحدگيءَ جو سوال هڪ سياسي سوال بڻجي ويو آهي. ان جو سبب اهو آهي ته خود مختياريءَ جي وصف ۾ پيپلز لفظ جي معنى تي تڪرار رهيو آهي ته ڪهڙين قومن، لساني ۽ نسلي گروھن کي عليحدگي جو حق آهي ۽ ڪهڙن ٻين کي هي حق نه آهي.

ان سلسلي ۾ فلپائن ۾ مسلمان گروھ عليحدگي لاءِ تحريڪ هلائي، پر فلپائن حڪومت ۽ مسلمانن جي تحريڪ جي وچ ۾ 1976 هڪ معاهدو ٿيو. جنهن ۾ مسلمانن عليحدگي جي تحريڪ تان هٿ کنيو ۽ ان جي بدلي ۾ انهن کي مقامي سطح تي وڌيڪ خود مختياري ملي. عراق جي ڪُردن عليحدگيءَ جي تحريڪ شروع ڪئي، پر 1970 ۾ ڪُرد اڳواڻن ۽ عراقي حڪومت وچ ۾ عهدنامو ڪري ڪُرد صوبي کي وڌيڪ خودمختياري ڏني وئي ۽ 2005 ۾ عراقي آئين رسمي طور ڪُردستان علائقي کي عراق جي اندر هڪ خود مختيار علائقي طور تسليم ڪيو. ساڳي طرح مغربي صحارا تحريڪ اڃا تائين ٽنگيل آهي.هن بحث جو حاصل مطلب اهو آهي ته عليحدگي جو حق عالمي سطح تي سياسي مسئلو آهي. ۽ ان کي ”ريئل پاليٽڪس“ جي ذريعي ڏٺو وڃي ٿو.

5 خود مختياري ۽ انساني حق:

خود مختياري بنيادي انساني حقن ۾ شمار ٿئي ٿي. خود مختياري فردن جي گروھ، جنهن کي قوم، قوميت، سماجي يا لساني گروھ چيو وڃي ٿو. ان جو مجموعي طور انساني حق آهي ته هو پنهنجي آزاديءَ سان پنهنجو سماج جوڙين، پنهنجو سياسي نظام تشڪيل ڪن، پنهنجي وسيلن جو بهتر استعمال ڪري ۽ معاشي ترقي ڪن، پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت جي حفاظت ۽ ترقي ڪن.

ان ڪري جڏهن قوم، قوميت، سماجي يا لساني گروھ جي بنيادي حقن جي سنگين ڀڃڪڙي ٿئي ٿي، انهيءَ خلاف مت ڀيد ٿئي ٿي، انهن جو قتلِ عام ٿئي ٿو يا هُو چاهين ٿا ته ڪنهن ٻئي قوم، قوميت، سماجي يا لساني گروھ سان گڏ نه ٿا رهي سگهن، ته هُنن کي حق آهي ته هُو خود مختياري جي اصول کي استعمال ڪري پنهنجي عليحدگي جو حق يا انهيءَ رياست ۾ رهي پنهنجي حقن جي حفاظت لاءِ نئون معاهدو ڪن. جيئن هن مضمون جي چوٿين نمبر نقطي تي وڌيڪ تفصيل سان بحث ڪيو ويو آهي.

  1. خود مختياري ۽ سماجي معاهدو:

خود مختياري سماجي معاهدي جو حصو آهي ڇاڪاڻ ته سماجي معاهدي ۾ هڪ قوم، قوميت، سماجي يا لساني گروھ رياست سان معاهدو ڪري ٿو ته هن جا بنيادي انساني حق محفوظ هوندا ۽ هُو ان رياست ۾ رهي پنهنجي سياسي، معاشي، سماجي ۽ ثقافتي حق استعمال ڪري پاڻ کي ترقي ڏياريندا ۽ اهو ئي سماجي معاهدي جو روح آهي.

  1. خود مختياري جي اصول تي تنقيد:

جتي سياسي مفڪر، انساني حقن جا وڪيل ۽ انصاف جا ماهر خود مختياري جي حق جي حمايت ڪندڙ، هر قوم، قوميت، سماجي ۽ لساني گروھ کي مڪمل خود مختياري جي حق لاءِ وڪالت ڪن ٿا، پر هن اصول تي ڪجھه تنقيد به ٿي رهي آهي. مثلاً هي اصول ملڪن جي جاگرافيءَ جي سالميت لاءِ خطرو ثابت ٿي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته خود مختياري جي حق لاءِ هلندڙ تحريڪون اڳتي هلي نه صرف خود مختياريءَ جو حق حاصل ڪنديون، پر اُهي عليحدگيءَ جو حق به حاصل ڪنديون ۽ ائين هر ملڪ ۾ عليحدگيءَ جون تحريڪون پيدا ٿينديون ۽ عالمي امن ۽ سالميت لاءِ خطرو ثابت ٿينديون. جيئن، اسپين ۾ قتلونيه، ڏکڻ ايشيا ۾ ڪشمير، چائنه ۾ تبت ۽ سري لنڪا ۾ تامل جي خود مختياريءَ لاءِ تحريڪن جو مثال ڏئي سگهجي ٿو.

ان سان گڏ ڪي ملڪ گڏجي ٻي ملڪ جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪري. عليحدگي پسند تحريڪن کي مضبوط ڪري سگهن ٿا ۽ ان سان گڏوگڏ خود مختياري جي تحريڪ پُرتشدد تحريڪ ۾ تبديل ٿي انساني حقن جي لتاڙ ۽ قتلِ عام جهڙا واقعا به ٿي سگهن ٿا.

هيءَ تنقيد ان ڪري جائز ناهي جو نسلي ۽ لساني گروھ جيڪڏهن انهن جي خلاف هر شعبي اندر مت ڀيد هجي، ان جي ٻولي ۽ ثقافت خطري ۾ اچي وڃي، انهن جي وسيلن جو بنا روڪ ٽوڪ استحصال ڪيو وڃي ته ملڪي يا سرحدي سلامتيءَ جي نالي ۾ ڪيترو اهو عوام چپ ڪري ويهي. پاڻ تي ٿيندڙ ظلمن کي قبول ڪري ۽ غلامن جيان زندگي گذاري. جيڪي عليحدگي جي حق تي تنقيد ڪن ٿا انهن لاءِ هي سوال هڪ وڏو چيلينج آهي.

  1. خود مختياري تڪرارن جو پُرامن حل:

1945 کانپوءِ هن وقت تائين مختلف خود مختياريءَ جون تحريڪون ظاهر ٿيون. انهن جو حل راءِ شماري، وفاقيت، عليحدگي، پُرتشدد جدوجهد، سرحدن جي اندر وڌيڪ اختياري ڏيڻ ۽ نا مڪمل فيصلي جي شڪل ۾ ظاهر ٿيون. مثال مغربي صحارا جيڪو مراڪش جي قبضي ۾ آهي جنهن جو اڃا تائين فيصلو ناهي ٿيو. ترڪي ۾ ڪُردن جي جدوجهد جو آخري فيصلو رڪيل آهي. ڪشمير تي راءِ شماري ڪرائڻ ۾ اقوامِ متحده ناڪام وئي آهي ۽ ٻين ڪجھ تحريڪن جو اقوامِ متحده پائيدار حل نه ڪڍي سگهي آهي. وڏين عالمي ۽ علائقائي طاقتن تي فرض ٿئي ٿو ته هو خود مختياري جي تحريڪن جو ڳالهين ذريعي پُرامن حل ڪڍن.

  1. پڄاڻي:

جيئن ته قومي خود مختياري جي اصول کي اقوامِ متحده جي ميمبر ملڪن قبول ڪيو آهي، پر اُتي هي اُصول سياسي شڪل اختيار ڪري ويو آهي ته ڪهڙين قومن يا نسلي ۽ لساني گروهن کي اهو حق حاصل آهي ۽ ٻين کي نه آهي. تنهنڪري ضروري آهي ته اقوامِ متحده جو فورم هن اصول کي بلڪل واضح ڪري. اقوامِ متحده پنهنجي چارٽر ۾ 1.2 آرٽيڪل ۾ جيڪا خود مختياري جي وصف ڏني آهي. ان ۾ “عوام” جي لفظ کي چٽو ڪري مونجهاري کي ختم ڪري.

Article 1.2. To develop friendly relations among nations based on respect for the principle of equal rights and self-determination of peoples, and to take other appropriate measures to strengthen universal peace;

ڇاڪاڻ ته هن لفظ جي مختلف معنى ڪڍي وڃي ٿي. گڏيل قومن جي اداري جي اها ذميواري آهي ته جدا جدا حق خود اختياري جي تحريڪ سان ڳالهيون ڪري ان جو پُرامن ۽ پائيدار حل ڪڍي.                                   (همسري مئگزين جي ٿورن سان)

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.