لالي ووڊ جو سينيئر اداڪار عاصم بخاري لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٽي وي، اسٽيج ڊرامن ۽ فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ سينيئر اداڪار عاصم بخاري لاڏاڻو ڪري ويو.
فيملي ذريعن سينيئر اداڪار عاصم بخاري جي لاڏاڻي جي تصديق ڪئي ۽ ٻڌايو ته عاصم بخاري گذريل رات ڪوما ۾ هليا ويو هو.
خانداني ذريعن جو چوڻ آهي ته 76 ورهين جو اداڪار ڊگهي عرصي کان گردن ۽ دل جي بيمارين ۾ مبتلا هو ۽ گذريل 15 ڏينهن کان اسپتال ۾ علاج هيٺ هو.
عاصم بخاري ٽي وي، اسٽيج ڊرامن ۽ فلمن ۾ به ڪم ڪيو، سندس ڳاڻيٽو ملڪ جي بهترين اداڪارن ۾ ٿيندو هو.
شوبز انڊسٽري سان واڳيل ڪيئي شخصيتن عاصم بخاري جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
واضح رهي ته عاصم بخاري جو پٽ جلال بخاري به لنڊن جي هڪ اسپتال ۾ پتي ۾ پٿري سبب علاج هيٺ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.