ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت سڀاڻي صوبي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو ، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
سروسز جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب جمعي ڏينهن 13 مارچ تي صوبي جون سموريون سرڪاري آفيسون بند رهنديون.
نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سڀاڻي صوبي ۾ سمورا تعليمي ادارا به بند هوندا.