”شهيدن جو پلاند وٺنداسين، آمريڪي اڏن تي حملا جاري رهندا“مجتبيٰ خامنه اي جو پهريون پيغام جاري

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي نئين چونڊيل سپريم ليڊر آيت الله مجتبيٰ خامنه اي چونڊجڻ کانپوءِ پهريون پيغام سامهون آيو آهي.
پنهنجي آڊيو پيغام ۾ آيت الله مجبتيٰ خامنه اي شهيدن جي رت جو پلان وٺڻ جو اعلان ڪندي چيو ته ” آبنائي هُرمُز بند رهندو.“
سپريم ليڊر چيو ته منهنجو عهدو مون کان ڪيئي شين جي گُهر ڪري ٿو، عوام دنيا کي ڏيکاريو آهي ته ايران هڪ عظيم قوم آهي، عوام جي حمايت کانسواءِ منهنجي ڪا اهميت ناهي.
هن چيو ته دشمن ايراني عوام کي نشانو بڻائي رهيا آهن، اسان کي پنهنجن دشمنن کي مات ڏيڻي آهي، شهيدن جي رت جي پلاند واري حق تان هٿ نه کڻنداسين، ايراني قوم جو اتحاد هميشه قائم رهندو، الله پاڪ قوم جي اڳواڻي صحيح نموني ڪرڻ مدد فرمائي، آمريڪي اڏا بند نه ٿيا ته حملا جاري رهندا.
سندس چوڻ هو ته عوام ايڪي سان دشمن کي شڪست ڏيندو، اسان پنهنجي شهيدن، خاص طور تي مناب اسڪول جي شهيدن جو پلان وٺڻ کانسواءِ نه مُڙنداسين، اسان پاڙيسرين سان دوستاڻن لاڳاپن تي يقين رکون ٿا، اسان رڳو فوجي اڏن کي نشانو بڻائي رهيا آهيون ۽ اِهي حملا جاري رهندا.
هن چيو ته آبنائي هُرمُز دشمن تي دٻاءُ وڌائڻ لاءِ بند رهڻ گهرجي، وچ اوڀر ۾ آمريڪي اڏا بند ڪيا وڃن ۽ جيڪڏهن آمريڪي اڏا بند نه ٿيا ته حملا جاري رهندا، هر ايراني سميت هڙني شهيدن جو پلاند وٺنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.