بيروت (ويب ڊيسڪ) لبنان جي مزاحمتي تنظيم حزب الله اسرائيل جي چئن فوجي اڏن ۽ هڪ ملٽري ڪمپني کي نشانو بڻائي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب حزب الله دعويٰ ڪئي آهي ته ان دشمن جي 4 فوجي اڏن ۽ هڪ ملٽري ڪمپني تي ڊرون حملو ڪيو آهي.
حزب الله ٻڌايو ته ان جي ڊرونز اسرائيل جي رامات ڊيوڊ ايئربيس ۽ حيفا جي فوجي اڏي سان گڏوگڏ تل ابيب ڀرسان ملٽري انٽيليجنس يونٽ 8200 جي گليلوٽ بيس تي به حملو ڪيو.
مزاحمتي تنظيم موجب ان والاريل شهر ايڪڙ جي اتر ۾ شراگا بيس کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو، جڏهن ته حيفا شهر جي اتر اوڀر ۾ مسگائو بيس سان گڏ الٽا ملٽري انڊسٽريز ڪمپني کي نشانو بڻايو ويو.
اسرائيل طرفان حزب الله جي دعويٰ تي اڃا تائين ڪو بيان جاري ناهي ڪيو ويو.
Prev Post
You might also like