خانواهڻ (رپورٽ: سجاد حسين سھتو) خانواهڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ محبت ديرو سيال ۾ ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل چاليھ ورھين جي ھمراه جي سڃاڻپ راڻي پور لڳ ڳوٺ وڏا واطڻي جي رھواسي عجيبو عرف عجيب پٽ عبدالعزيز واطڻي طور ٿي آھي ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي مارجي ويل عجيب واطڻي جي ويجھي عزيز ٻڌايو ته عجيب درويش صفت انسان هو ۽ غير شادي شده ھيو، ھو ٽن ڀينرن جو اڪيلو ڀاءُ ھو، ھن وڌيڪ چيو ته سندس جي قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي، ٻئي پاسي مارجي ويل عجيب واطڻي جا وارث سندس مڙھه ايڌي سينٽر ڪنڊيارو مان کڻائي ڳوٺ روانا ٿي ويا، ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او خانواهڻ ٻڌايو ته مارجي ويل جي وارثن جي پھچڻ تي ڪيس داخل ڪري جاچ جو دائرو وڌايو ويندو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي ھئي.