بڊاڻي (رپورٽ :مقبول مڙل)بڊاڻي ۾ جي يو آءِ پاران المرتضيٰ چوڪ کان مياڻي ايٽ بڊاڻي ٿاڻي تائين امن ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي اڳواڻي جي يو آءِ جي عهديدارن منيرڀٽو، خالد حسين ڏنڱر، اسلام سولنگي، محمد يعقوب ڀٽو ۽ ٻين ڪئي، ريلي کي خطاب ڪندي اڳوڻن چيو ته ضلعي ڪشمور ۾ امن امان جي صورتحال بهتر هر روز ماڻهو ڌاڙيلن هٿان اغوا ۽ ڦُرجن ٿا سنڌ پوليس جي رٽ ڪمزور ٿي چڪي آهي، ھاڻ ڏينھن جو به ماڻھو پنهنجي گهرن ۾ محفوظ نه آھن، هنن وزير اعليٰ سنڌ، آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ڪيو ته فورن ضلعي ڪشمور جو امن بحال ڪري عوام کي تحفظ ڏنو وڃي.