معاشري ۾ سڀ کان وڌيڪ قابل رحم ٽريفڪ پوليس وارا آهن: شرجيل ميمڻ

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ اسيبملي ۾ ڌيان چڪائڻ واري نوٽس تي ڳالهائيندي سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ٻڌايو ته ننڍي عمر ۾ گاڏي هلائڻ وارن تي جنوري کان 30 آڪٽوبر تائين 30 چالان ٿيا آهن جنهن سان 9 لک 12 هزار روپيا حڪومت چالان جي مد حاصل ڪيا آهن، ڊرائيونگ لائنسنس جي بغير گاڏي هلائڻ تي 1860 ماڻهن تي چالان ڪيو ويو، 37 لک 20 هزار چالان جي مد ۾ حاصل ڪيا ويا، جڏهن ته ٽريفڪ قانونن جي ڀڇڪڙي تي 60 چنگچي رڪشن تي چالان ڪٽيا ويا، جن مان هڪ لک 20 هزار روپيا ڏنڊ حاصل ڪيو ويو.هن چيو ته معاشري ۾ سڀ کان وڌيڪ قابل رحم ٽريفڪ پوليس وارا آهن جيڪي 40 کان 45 ڊگري جي گرمي ۾ پڻ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيهي ڪري ڊيوٽي کي سرانجام ڏيندا آهن، سٺا ۽ خراب ماڻهون هر جڳهه موجود هوندا آهن، پر کاتي تي الزام نه هڻڻ گهرجي، ڪراچي ۾ ماضي ۾ ٽريفڪ پوليس جي جوانن کي پڻ نشانو بڻايو ويندو هو، ٽريفڪ پوليس جا اهلڪار پنهنجي جان جو فڪر نه ڪندي ڊيوٽي ڪندا رهندا آهن، پر ڪنهن به معاملي ۾ پوري کاتي تي الزام لڳائڻ سان پورو کاتو ڊي مورلائز ٿي ويندو آهي،  هن چيو ته ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ ڊپارٽمينٽ پاران اسنيپ چيڪنگ ڪئي ويندي آهي، اضافي ڪرايو حاصل ڪرڻ تي پڻ ڪارروائيون ڪيون پيون وڃن، حڪومت پاران چنگچي رڪشائن تي پابندي آهي، عدالت پاران حڪم نامي جي ڪري هو شهر ۾ هلي رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.