شهريار شر مٿان حملو ڪيس، نامزد جوابدار احمد سيلرو جي ضمانت منظور

ميرپورماٿيلو (رپورٽ: خالد وسير)گهوٽڪي ضلعي جي رائونتي ڪچي ۾ اڳوڻي ايم پي اي شھريار شر مٿان حملي ۽ علي  محمد شر جي قتل ڪيس ۾ نامزد احمد خان سيلرو ميرپورماٿيلو جي اي ٽي سي ڪورٽ ۾ پيش ٿيو ۽ ضمانت جي درخواست داخل ڪرائي عدالت احمد خان سيلرو جي گرفتاري کان اڳ واري 4 نومبر تائين ضمانت منظور ڪري ورتي، ان کان اڳ احمد خان سيلرو لاهور هاءِ ڪورٽ مان حفاظتي ضمانت ڪرائي هئي جنهن بعد ميرپورماٿيلو اي ٽي سي ڪورٽ ۾ پيش ٿيو، هوڏانهن احمد خان سيلرو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مونکي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي جاچ ۾ سڀ ڪجهه سامهون اچي ويندو هوڏانهن احمد خان سيلرو جي عدالت ۾ پيشي دوران عدالت ٻاهران سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا، پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.