شهدادڪوٽ (رپورٽ: ثمر ڀٽي) شھدادڪوٽ ٽيڪسٽائل مل ڀرسان ڊيزل سپلاءِ ڪندڙ ڊمپر واري ٽانڪي ڌماڪي سان ڦاٽي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڊرائيور سميت 2 ڄڻا فوت ۽ 15 ورهين جو نينگر مرڻينگ ٿي پيو، اطلاع تي بي سيڪشن پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتين ۽ زخمي کي تعلقي اسپتال کڻائي آندو، جتان زخمي نينگر کي طبي امداد ڏئي لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو، حادثي ۾ فوت فوت ٿي ويل ڊمپر ڊرائيور جي سڃاڻپ ياسر پٺاڻ طور ٿي آهي جيڪو ڪراچي جو رهواسي آهي، جڏهن ته ٻي فوتي جي سڃاڻپ شمس مگسي طور ٿي آهي ۽ زخمي نينگر جي سڃاڻپ شاھه جان مگسي طور ٿي آهي جيڪو فوتي شمس جو پٽ ٻڌايو ٿو وڃي، ان حوالي سان رابطي ڪرڻ بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او عبدالمجيد ناريجو عوامي آواز کي ٻڌايو آهي ته حادثو ڪيئن پيش آيو آهي جاچ ڪري رهيا آهيون.