ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪراچي جي مختلف علائقن مان گم ٿيل شهرين جي بازيابي بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت پڇاڻو ڪيو ته گم ٿيل شهري ڪير هو؟ ڇا ڪم ڪندو ؟، درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته شهري عثمان قائد آباد جي علائقي جو رهواسي هو، شهري موٽرسائيڪل مڪينڪ هو، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته پوليس کي گاڏي جي نمبر پليٽ ۽ سي سي ٽي وي فوٽيج پڻ فراهم ڪيا ويا آهن.جاچ آفيسر عدالت کي مطمئن نه ڪري سگهيو .عدالت جو جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي جاچ آفيسر کان 15 ڏينهن ۾ اڳڀرائي واري رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي . پوليس موجب سچل ڳوٺ ٿاڻي جي حد مان گم ٿيل شهري ابراهيم يوسف صحيح سلامت گهر پهچي ويو آهي.پوليس رپورٽ موجب اقبال مارڪيٽ مان گم ٿيل شهري شهزاد ڪيس ۾ پوليس جي تحويل ۾ آهي .عدالت گم ٿيل شهرين جي ضمانت واري درخواست اڪلائي ڇڏي آهي .