ڀڳت ڪنور رام کي شهيد ڪندڙ پنهنجي مقصد ۾ ناڪام ويا: ساڃاهه وند

لکي غلام شاهه (رپورٽ: نديم جان مهر) لکي غلام شاهه لڳ رڪ ريلوي اسٽيشن تي انسانيت جي سفير امن جي پرچار ڪندڙ امر راڳي ڀڳت ڪنور رام جي 85 هين ورسي ملهائي وئي.ڀڳٿ ڪنور رام جي شهادت واري جاء تي ڏيئا ٻاري ۽ ڀڳت ڪنور رام جا ڳايل گيت ڳائي ڀڳت ڪنور رام.کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ان موقعي تي ملڪ جي مختلف علائقن مان سوين ڀڳتي قافلن جي صورت ۾ پهچي ويا ورسي تقريب کي جامي چانڊيو، پنهل ساريو ،سنڌو نواز گهانگهرو، زبيده ڪنول ،گوهر سنڌي، همير چانڊيو، رحيم داد راهي، ستار زنگيجو، سميع بلالي، اسلام لهر ۽ ساگر حسين مهر ٻين چيو ته 85 سال گذري وڃڻ باوجود ڀڳت ڪنور رام کي وساري نه سگهيا آهيون هن جو پيغام امن جو پيغام هو 85 سال اڳ امن ۽ ڀائيچاري کي ختم ڪرڻ لاءِ اهڙو قدم کنيو ويو پر هو ناڪام ويا امن جا پانڌيئڙا اڄ به ڀڳت ڪنور رام جي پيغام کي جهرجهنگ پهچائي رهيا آهن ورسي جي موقعي راڳ رنگ جي محفل پڻ ٿي جنهن ۾ مختلف صوفي راڳين ڀڳت ڪنور رام جي ڳايل گيت ڳائي محفل مچائي ڇڏي ڀڳت ڪنور رام جي مقتل گاه تي ڏيئا ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

  1. مذهبي انتهاپسندي خلاف ڀڳت ڪنور جهڙن ڪردارن جي ضرورت آهي

ڪراچي (رپورٽر)  مهاڪوي ڀڳت  امر شهيد ڪنور رام جي 85 ورسي جي موقعي تي ڀڳت ڪنو رام ڪميٽي ۽ سول سوسائٽي طرفان کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران هن جي تصوير آڏو گلاب جي گلن جي ورکا سان گڏ ڏيئا ٻاري کيس خراج تحسين پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي هيومن رائيٽس ڪميش پاڪستان جي چيئرمين اسد اقبال بٽ، ناصر منصور، سعيد بلوچ، مهيش ڪمار، عائشه ڌاريجو، نجمہ مهيشوري، فهميده رياض، ايڊووڪيٽ ماروي ڪلهوڙو، عزيز کوسو، ماجد گبول چيو ته ڀڳت ڪنور رام  امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏنو، جيڪو رجعت پسند قوتن کي پسند نه هيو جنهن ڪري کيس مذهبي انتها پسند گادي نشينن رڪ ريلوي اسٽيشن تي شهيد ڪرايو، جنهن کي سڄي دنيا خاص ڪري سنڌ ڀڳت ڪنو رام کي ياد رکندي اچي ٿي،هنن چيو ته هاڻي به رڪ اسٽيشن تي ماڻهو گڏ ٿي ڏيئا ٻاري کيس ڀيٽا پيش ڪن ٿا، موجوده مذهبي انتهاپسندي خلاف ڀڳت ڪنور رام جهڙن ڪردارن جي ضرورت آهي جيڪي پنهنجي پيغام وسيلي مذهبي انتهاپسندي جي پاڙ پٽي سگهن ٿا . هنن وڌيڪ چيو ته ڀڳت ڪنور رام راڳي سان گڏ هڪ غريبن جو همدرد ڪرادار هيو کيس جيڪي به پئسا ملندا هئا اهي غريبن م ورهائي ڇڏيندو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.