اسلام آباد(م ڊ) سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي سپريم ڪورٽ جي ججن جو انگ 25 ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. سينيٽ جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس فاروق ايڇ نائيڪجي صدارت هيٺ ٿيو. ڪميٽي اڪثريت راءِ سان سپريم ڪورٽ جي ججن جو انگ 25 ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪميٽي چيئرمين چيو ته 25 ججن ۾ هڪ چيف جسٽس ۽ 24 جج شامل هوندا. جمعيت علماءِ اسلام ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف ججن جو انگ وڌائڻ جي مخالفت ڪندي پي ٽي آءِ اڳواڻ حامد خان چيو آهي ته اسان اهڙي قانون سازي سان اختلاف ڪريون ٿا، ججن جي مقرري جو اهڙو طريقو عدليه جي آزادي تي حملو آهي. هن چيو ته 26 هين ترميم سان عدليه کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، جڏهن هو ڪنهن ملڪ کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا ته ججن جو انگ وڌايو وڃي ٿو ڇو ته مرضي جا فيصلا نه ٿا اچن. جي يو آءِ جي سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو ته انگ وڌائي ڪرائي پنهنجي پسند جا جج سپريم ڪورٽ ۾ آڻي رهيا آهن، 25 آڪٽوبر کانپوءِ جج هاڻ بهتر انداز ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، تعداد وڌائڻ جي ڪا ضرورت ناهي. پ پ سينيٽر شهادت اعواڻ چيو ته سپريم ڪورٽ جي ججن جو گهٽ ۾ گهٽ تعداد 21 هجڻ گهرجي. اجلاس دوران ڪميٽي جي چيئرمين قانون واري سيڪريٽري کان سوال ڪيو ته جيڪڏهن اخبار ٻڌائي سگهي ٿي ته ڪيسن جو انگ 60 هزار آهي ته توهان ڇو نٿا ٻڌائي سگهو؟ توهان کي معلومات لاء ڪيترو وقت گهرجي؟ جنهن تي قانون واري سيڪريٽري چيو ته اسان کي گهٽ ۾ گهٽ ٽن هفتن جو وقت ڏيو. سينيٽر عبدالقادر چيو ته ملڪ ۾ آبادي ۽ ڏوهن ۾ اضافو ٿيو آهي، ڪيس ٻه ٻه نسل هلندا آهن، ججن جو تعداد نائن اليون جيترو ئي آهي، جڏهن ته اعليٰ عدليه ۾ ڪيس وڌي ويا آهن.