ڪيسو ڪولهي ڪيس ۾ وحشين کي بچائڻ لاءِ بااثر ڌريون سرگرم

ميرپورخاص (ڊ ر) ڪيسو ڪولهڻ واقعي ۾ گرفتار ڪيل جوابدارن سميت ناري کي هڪ هفتو اڳ سونو معرفت عمرڪوٽ کڻي ويندڙ بااثر وحشي صفتن جا نالا سامهون آڻڻ کان روڪڻ لاءِ به بااثر ڌريون سرگرم ٿي ويون آهن، جڏهن ته پوليس پاران پڻ وڌيڪ جوابدارن تائين جاچ جو دائرو وڌايو پيو وڃي، ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي وومين ٿاڻي جي ايس ايڇ او مومل شاهين لغاري چيو ته پوليس مختلف رخن تي جاچ ڪري رهي آهي ۽ رمانڊ تي ورتل جوابدارن کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي ويندي جنهن مان ڪجھ وڌيڪ معلومات ملڻ جا امڪان آهن. ٻئي طرف ميرپورخاص ۾ وحشت جو نشانو بڻيل ناري ڪيسو ڪولهي جي ڪيس ۾ گرفتار ٿيل ڏائڻ نما ماءُ راڻي ڪولهي ۽ هيرو ڪولهي کي جڊيشل رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.