ميرپورخاص: سول اسپتال ميرپوخاص جي ميڊيڪل آفيسر پاران وحشت جو نشانو بڻيل ناري ڪيشو ڪولهي جي پوسٽ مارٽم ۽ طبي چڪاس جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ناري سان ڏاڍائي ٿيڻ يا نه ٿيڻ جي تصديق ان وقت ڪري سگھجي ٿي جڏهن ڪيميڪل ۽ ڊي اين جي موڪليل ٽيسٽ جا نتيجا اچن، نينگري جي مخصوص حصي ۾ رت نڪرڻ جا نشان نظر آيا آهن هن وقت ڪو به حتمي سرٽيفڪيٽ جاري نه ٿا ڪري سگهون.