ٽنڊو محمد خان ويجهو ناري سان زيادتي، ٻار ضايع، بااثرن پاران ڌمڪيون

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ:  اويس حيدر شورو ) سعيد پور ويجهو ڳوٺ  جي رهواسي خالد ڪنڍاڻي ولد محمد بخش ڪنڍاڻي سندس پاڙي ۾ رهندڙ سترهن ورهين جي ناري نالي ش ڪنڍاڻي ڌيءَ س۔ڪنڍاڻي سان زيادتي ڪري کيس ڳورهاري ڪري ڇڏيو، ناري پاران ٻار کي جنم ڏيڻ بعد بااثرن پاران ناري کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، ناري جا مائٽ حمل ڪيرائڻ لاءِ خانگي اسپتال پهتا ته  مقامي خانگي اسپتال جي واش روم ۾ نارمل ڊليوري ٿي وئي، هوڏانهن خانگي اسپتال جي  ڊاڪٽرياڻي رابطو ڪرڻ تي هن ٻڌايو ته ناري ۽ سندس مائٽ اسان وٽ آيا اسان کي خبر نه هئي ناري جيئن واش روم اندر وئي ته ڊليوري ٿي چڪي هئي ۽ واش روم اندر هڪ زنده ٻار ڇوڪرو پيدا ٿيو  جنهن کي اسٽاف جلد ئي کڻي نرسري ۾ رکيو ۽ وارثن چيو ته ٻار کي ڪٿي ماري ڇڏيو يا ڍڪي ڇڏيو، پر اسان ٻار کي  ٻه ڏينهن نرسري ۾ رکيو جيڪو ٻه ڏينهن کان وڌيڪ زنده نه رهي سگهيو  جنهن کي اسان انسانيت جي ناتي ڪفن دفن ڏئي دفن ڪري ڇڏيو ، هوڏانهن انساني حقن جي تنظيمن جي اڳواڻن ۔عبدالحڪيم دستي،  غلام حسين سولنگي ۽ ٻين ڪاروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.