حيدرآباد(رپورٽر) ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ بوئنگ جهاز کي ٽرالر تي رکي ڪراچي مان حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي. 110 فٽ ڊگهي هوائي جهاز جي ڍانچي کي 80 فٽ ڊگهي ٽرالر تي رکي ان کي ايم نائين موٽروي ذريعي حيدرآباد پهچايو ويو. جهاز جو اهو ڍانچو حيدرآباد ايئرپورٽ وٽ قائم سول ايويئيشن اٿارٽي جي ٽريننگ انسٽيٽيوٽ ۾ منتقل ڪيو ويو. جتي جهازن جي هلائڻ ۽ انهن جي مشينري بابت تربيت وٺندڙن کي ڄاڻ ڏني ويندي. ايندڙ هفتي هڪ ٻيو جهاز به ڪراچي کان حيدرآباد منتقل ڪيو ويندو. حيدرآباد منتقل ٿيل بوئنگ جهاز 737 هڪ خانگي ايئرلائين شاهين ايئر جي فضائي ٻيڙي جو حصو هو. اهو جهاز 2014ع ۾ ڪراچي ايئرپورٽ تي ناڪاره بيهاريو ويو هو. جنهن ۾ مسافرن جي ويهڻ لاءِ 240 سيٽون لڳل هيون. پاڪستان ايئرپورٽ اٿارٽي طرفان جهاز کي حيدرآباد منتقلي لاءِ ٽرالر تي رکي سپر هاءِ جي ٽول پلازه وٽ پهچايو ويو. جتان نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ۽ پوليس طرفان اين او سي جاري ٿيڻ کانپوءِ جهاز کي حيدرآباد منتقل ڪرڻ لاءِ ٽرالر کي روانو ڪيو ويو. جهاز کي کڻي ايندڙ ٽرالر ايم نائين موٽروي کانپوءِ باءِ پاس، هٽڙي، لائينڊ چينل، ٽنڊو يوسف ٿاڻو ۽ فتح چوڪ کان ٿي ٽنڊي محمد خان روڊ تي پهتو جتان ان ٽرالر کي سول ايويئيشن منتقل ڪيو ويو. جهاز جيئن ئي حيدرآباد پهتو ته وڏي تعداد ۾ شهري مختلف رستن تي گڏ ٿي ويا ۽ انهن دلچسپي سان جهاز جي روڊ رستي منتقلي جو مشاهدو ڪيو.