قاضي فائز عيسيٰ تي حملي خلاف برطانيا جوڳي ڪارروائي نه ڪئي

اسلام آباد (جاويد چوڌري) اڳوڻو چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ لنڊن ۾ آهي جتي پي ٽي آءِ جي ماڻهن سندس گهيراءُ ڪري ورتو. ان کانپوءِ لنڊن ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن حڪومت خط لکيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي خطرو آهي، سندس حفاظت ڪئي وڃي. گهرو وزارت به خط لکيا ۽ گهرو وزارت ڪارروائي ڪري رهي آهي. پر برطانوي حڪومت جواب ڏنو آهي ته هتي هو عام ماڻهو آهي ۽ سندس هتي ڪي حق نه آهن، هتي اظهار جي آزادي آهي، ماڻهن وٽ هتان جي شهريت آهي، هتي ڪنهن کي روڪي نٿو سگهجي ته اوهان ڪنهن جي خلاف نه ڳالهايو. برطانوي حڪومت سيڪيورٽي ڏيندي پر اوهان کي لکت ۾ ٻڌائڻو پوندو ۽ شيڊيول به ڏيڻو پوندو ۽ پوليس ڪار ساڻن گڏ ويندي پر هتان جي شهرين کي گرفتار نه ڪيو ويندو ۽ کين پابند نه ڪيو ويندو پر ڪنهن کي حملي کان روڪيو ويندو. پي ٽي آءِ وارن جو منصوبو آهي هو جتي به ويندو سندس گهيرو ڪيو ويندو. ڀلي هو شاپنگ لاءِ وڃي، ڪنهن ريسٽورينٽ ۾ وڃي اتي به سندس گهيراءُ ٿيندو ۽ سندس گهر ٻاهران به احتجاج ڪيو ويندو. حڪومت انهن ماڻهن جون تصويرون جاري ڪيون هيون پر برطانوي حڪومت انهن خلاف ڪارروائي ۾ سنجيده ناهي. هي پاڪستان جي رياست جو معاملو آهي ته ان جي ڪري لڳي ٿو ته برطانيا طرفان جوڳو جواب نه ايندو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، ڇنڇر 02 نومبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.