اسلام آباد (م ڊ) صدر آصف علي زرداري خانگي دوري تي دبئي روانو ٿي ويو، دبئي ايئرپورٽ تي پهچڻ کانپوءِ جهاز مان لهندي ئي کيس پير ۾ فرينڪچر ٿي پيو، کيس طبي امداد لاءِ اسپتال نيو ويو. ڊاڪٽرن اسپتال ۾ کيس پلاسٽر لڳايو آهي جيڪو 4 هفتا لڳل رهندو. ايوان صدر موجب صدر آصف علي زرداري کي اسپتال مان گهر منتقل ڪيو ويو ۽ کيس آرام جي صلاح ڏني وئي. صدر جي غيرموجودگي ۾ سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني وقتي صدر جو عهدو سنڀالي ورتو.