نيو يارڪ (احمد نوراني) سپريم جڊيشل ڪائونسل امڪاني طور تي جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس نعيم اختر افغان جي حوالي سان هڪ ريفرنس تي ٻڌڻي ڪري سگهي ٿي. مخصوص سيٽن واري ڪيس جو فيصلو 13 رڪني بينچ 8، 5 جي اڪثريت سان آيو هو. 5 مان ٻن ججن پنهنجو فيصلو ڏيڻ سان گڏوگڏ لکيو هو ته جيڪو فيصلو هنن کان مختلف آهي ان تي عمل نه ڪيو وڃي ڇو ته اهو آئين سان ٽڪراءُ آهي. اهو لکڻ عجيب آهي، جج ڪڏهن ائين لکي نٿو سگهي اها چٽي غلطي آهي جنهن تي ٻڌڻي ٿي سگهي ٿي پر ان ۾ رڳو اهو ڏسڻو پوندو ججن واقعي ائين لکيو هو يا نه لکيو هو. ججن وٽ بچڻ جو اهو ئي طريقو هوندو ته اسان جي عملي مان ڪنهن لکي ڇڏيو هو اسان نه لکيو هو. ٻي صورت ۾ ان جي سزا نااهلي ٿي سگهي.