ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته اسرائيلي لابي پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، تحريڪ انصاف باني کي هاڻي اسرائيل جي پليٽ فارم تان چونڊن ۾ حصو وٺڻ گهرجي، اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي لنڊن ۾ حملو مذمت جوڳو آهي، پي ٽي آءِ مافيا قاضي فائز عيسيٰ تي حملو ڪيو، اختلاف پنهنجي جاءِ تي آهن ڪنهن سان بداخلاقي نه ڪرڻ گهرجي، آئيني ترميم کانپوءِ هاڻي عدليه جي نون قانونن تي عمل ٿيندو، هاڻي ڪو به مقدس ڳئون نه هوندو، هر شخص کي پنهنجي عمل جو جواب ڏيڻو پوندو، افتخار چوڌري ۽ ثاقب نثار انتها پسندي سان عدالتون هلائيندا رهيا آهن. ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سڀاڻي کان سختي سان سڄي سنڌ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڪم ڪندا، جن گاڏين تي پوليس لائٽ ۽ ڪاراشيشا هوندا، ڪارروائي ڪئي ويندي، جعلي نمبر پليٽن واري گاڏين ۽ هٿيارن جي نمائش تي پابندي آهي، سندس هن بيان کي آگاهي مهم سمجهيو وڃي ڇوته ڪابه رعايت نه ٿيندي.