منظور ڪوھيار ۽ سندس نئون ڇپيل ڪھاڻي ڪتاب "گَهرُ ۽ گراموفون”

تحرير: محمد علي پٺاڻ

"نماڻي شھزادي” ڪھاڻيءَ جو شمار ڪتاب ۾ چوڏھين نمبر تي آهي. جيڪا پڙھندي ڪوھيار صاحب جي قلم جي ان تيز ٽيمپو چئجي يا طوفاني رواني، ته ان پارَ جو پتو ته پوي ٿو، جيڪو ھونئن ته سندس ھر ڪھاڻيءَ ۾ پرکي ۽ پروڙي سگهجي ٿو. ھن جي ڪھاڻين جو اھو به ڪمال آهي، ته ھڪ دفعو جيڪو به ھن جي ان  مخصوص لھجي واري گهيڙ ۾ گهڙي ٿو، ته ڪھاڻيءَ جي  پڄاڻيءَ تائين ھو کيس  چئوکنڀو ٻڌيون، پنھنجي فني طاقت سان کنيون ھلي ٿو ۽ اينڊ جي غير روايتي تاثر تي وڃي ھٿ ڪڍيس ٿو ۽ پوءِ ئي ان کي ساھُ کڻڻ جو موقعو فراهم ٿئي ٿو.

ھيءَ ڪھاڻي ڏاڏيءَ جي ڪردار جي ريئل واقعي سان شروع ٿي، جڏهن موڙو کائي لوڪ ڪھاڻيءَ جي ڌرتيءَ تي پير ڌري ٿي، ته وھم گمان ۾ به نٿو اچي ته ليکڪ ان موضوع کي پنھنجي ڪھاڻيڪار واري ڇھين حِسَ کي اڳتي ڪري نئين زماني جي لوڪ ڪھاڻيءَ جو شيپُ ڏئي، پڙھندڙ جي سوچ کي ڄڻ ته ھڪ بيحد ئي انوکي ۽ نئين انداز جي سرچ لائيٽ عطا ڪري ٿو، جيڪا ڏاڏيءَ جي ڪردار جي پوڙھپ جي گهنجن سان نمايان ٿي من ۾ درد جي تمام گهڻي تِکي نشتر سان، پنھنجي موضوع جي مناسبت سان اونهو ٽُڪو ڏئي فڪشن جي تاريخ ۾ علحده جاءِ جوڙي وڃي ٿي.

ڪھاڻيءَ ۾، لوڪ ڪھاڻيءَ جي ويس ۾ موجوده زماني جي ٻوڏ جي پنھنجي ديس ۾ رونما ٿيل تباھين جو سِرو ڳنڍي انهن جي جي عڪاسي پڻ ليکڪ لونءَ ڪانڊاريندڙ منظرن سان ڪئي آهي. جنھن سان، ڪھاڻيءَ جي ان پاسي سان به ليکڪ نڀاءُ عاليشان آهي.

ڪتاب جي پندرھين ڪھاڻي "رواج” ۾ منظور ڪوھيار صاحب پيري مريديءَ جي نندا ڪندي نه رڳو اسان جي روشن خيال مذهب جي اھميت کي اجاڳر ڪيو آهي، پر آخري نبي حضرت محمد مصطفيٰ جي شان کي اعليٰ ڪري بيان ڪيو آهي. جنھن سان ڪھاڻيءَ جو مرتبو بيحد ئي وڏو ۽ گهڻي ۾ گهڻو مٿانھون نظر اچي ٿو.

"چنڊيڪا ديوي” سورھين ڪھاڻي آهي. جيڪا ليکڪ سنئين سِڌي به ڪري لکي آهي، ته ان کي سمجهو پڙھندڙ لاءِ مامَ ۾ يا لڪ ۾ ان جي مفھوم کي ويڙهي پڻ تخليق ڪيو آهي. "چنڊيڪا ديوي” ڪير آهي؟، ان راز کي معلوم ڪرڻ لاءِ ڪھاڻي ھڪ کان وڌيڪ دفعا ورائي ورائي پڙھڻ تي مجبور ڪري ٿي.

۽ جيڪو اُھا ورائي ورائي نٿو پڙهي، اھو ان ۾ ليکڪ جي رمز کي سمجهڻ ۾ ناڪام وڃي ٿو ۽ ڪھاڻي ان جي دماغ کان مٿان بنا سمجهڻ جي ھوا جي جهوٽي وانگر گذري يا پکيءَ جيان ڀڙڪو ڏئي اک ڇنڀ ۾ اُڏامي وڃي ٿي.

موضوع جي لحاظ کان ھيءَ "مان” ڪردار جي سڀني اڳين ڪھاڻين جي تلسل ۾ نوڪريءَ جي پيرڊ کي ظاهر ڪري ٿي. جنھن ۾ ھن حقيقي واقعي يا وارتا کي ڪھاڻيءَ جا سڀ سينگار ڪرائي اھڙي انداز ۾ پيش ڪيو آهي، جيڪو ان جي جنسي بي راهه روي ۽ انساني انتقام جي اُگري ۽ خوفناڪ نفسيات جي آرَ پارَ ۽ آھنگَ کي زندگيءَ جي ھوبھو تصوير واري روپ ۾ وڏي معنيٰ سان ڪھاڻين جي تاريخ ۾ علحده ۽ مٿڀري مقام جو مستحق بڻائي ٿو.

انساني سوچ جا دڳ پيچرا پنھنجا آهن. جيئن ننڊ کان پوءِ خوابن جا. اتر ڏکڻ، جيڪو ھونئن ملائڻ مشڪل نه، پر ناممڪن آهي، سو ماڻهوءَ جي سوچ ۽ تصور جو ڪمپيوٽر ڪيئن ٿو ملائي، ان سوال جو جواب ڳولڻ ڪلون ڦيرائي ڇڏيندو آهي. چريائپ جي حدن ۾ ڌڪي وڃي اڇلائيندو آهي. ڪتاب جي سترھين ڪھاڻي "ڀائو، اوھان ڀليا آھيو…!” اھڙين ئي سوچن جي عڪاسي ڪندڙ آهي. جنھن ۾ تصورن ۽ حقيقتن جي زمين آسمان واري وِٿيءَ کي ظاهر ڪيو ويو آهي ۽ آخر ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جي ھڪ سِٽَ سان ان سُٽَ کي ڪوھيار صاحب پنھنجي قلم جي نوڪ سان سلجهائي، پڙھندڙ جي ذھن کي ٺڪاڻي تي آندو آهي.

ھيءَ ڪھاڻي، ڪيترين ئي ڪھاڻين جو مرڪب آهي ۽ ليکڪ انهن سڀني سان پنھنجي منفرد ۽ گهربل سوجهه ٻوجهه آھر نڀاءُ ڪري جديد ڪھاڻيءَ جي تقاضائن کي پورو ڪيو آهي. جنھن سان شاھ جي سِٽَ کي رلائي مفھوم جي منزل تي پڙھندڙ جي پيرن کي سولائيءَ سان پھچايو آهي.

ڪتاب جي ارڙهين ۽ آخري ڪھاڻي "مِسنگ جِنُ” آھي، جيڪا موضوع جي اُڻت توڙي ليکڪ بي انتھا ذھانت سان الائي ڪيترن ماڳن مڪانن تان گهمائي ڦيرائي، ڪھاڻيءَ ۾  ضرورت موجب ماحول جي عڪاسي ڪري ۽ ساڳي نموني جي پنھنجي اعليٰ درجي جي ڪردار نگاريءَ سان، آڳاٽي داستان گوئيءَ جي ٽچ ڏئي موجوده زماني جي ڏک کي تمثيلي طور شاندار نموني سان سموھي پيش ڪيو آهي.

ائين ھن ڪتاب ۾ شامل منظور ڪوھيار صاحب جي سمورين ڪھاڻين مان گذري جڏهن ڪتاب بند ڪري رکيو اٿم، ته ھڪ سِٽَ ۾ ان لاءِ اھا راءِ اندر مان ڪنڌ مٿي ڪري بيٺي آ، ته ھن اسان جي پڙھندڙ کي سنڌي ڪھاڻيءَ جو آب تاب موٽائي ڏنو آ. سو به سڄي مجموعي جي سڀني ڪھاڻين ۾. جن جي معيار جون ڪھاڻيون ڪڏهن ڪڏهن ۽ ڪٿي ڪٿي ئي سالن ۾ پڙھڻ لاءِ ملن ٿيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.