ڪامريڊ ڄام ساقي انقلابين جو اتساهه

تحرير: انور پنهور

پنهنجي تاريخ جو ورثو ته اهو ٿو ٻڌائي، ته پورهيت طبقي جي آجپي ۽ خوشحالي لاءِ ماضي ۾ به ڪيترن ئي انقلابين پنهنجي جان و مال جون قربانيون ڏئي، پاڻ کي سرخرو ڪيو آهي. انهن ۾ هڪ نمايان نالو ڪامريڊ ڄام ساقي جو به آهي. جنهن پنهنجي زندگي جو اڌ صدي کان وڌيڪ عرصو انقلابي جدوجهد کي ارپي ڇڏيو هو ۽ ساهه جي آخري هڏڪي تائين سرخرو به رهيو. ڪامريڊ ڄام ساقي مون سميت سوين هزارين نوجوانن جو اتساهه رهيو آهي ۽ اڄ به نوجوان انقلابين لاءِ اتساهه آهي. ڪامريڊ ڄام ساقي جو رستو ئي هن ملڪ جي نوجوانن جو رستو آهي.

جيتوڻيڪ سنڌ جا ڪيترائي دانشور ڪامريڊ ڄام ساقي جي طرفان پيپلز پارٽي ۽ طبقاتي جدوجهد ۾ شموليت ڪرڻ واري فيصلي تي اڄ به تنقيد ڪندي نظر ايندا آهن. پر هنن “ڏاهن” ماڻهن وٽ هن سوال جو ڪو جواب نه آهي، ته ڪامريڊ ڄام ساقي جيڪڏهن طبقاتي جدوجهد ۽ پورهيت طبقي جي سياست نه ڪري ها ته ٻيو ڪهڙو رستو اختيار ڪري ها؟ ڪامريڊ ڄام ساقي نه صرف انهن “ڏاهن” دانشورن کان وڌيڪ سماجي تاريخ ۽ ان جي ارتقا کان واقف هو پر هو سويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ واري عهد ۾ تنظيم ٺاهڻ ۽ انقلابي ۽ طبقاتي جدوجهد جي سياست کي اڳتي وڌائڻ جو بهترين آرٽ رکندڙ هڪ غير معمولي انقلابي هو جنهن هر عهد ۾ سوشلزم جي جدوجهد کي جاري رکڻ واري سياست ڪئي ۽ ان تي پڇتائڻ بجاءِ فخر جي طور تي چوندو رهيو ته هن کي جيڪڏهن ٻئي زندگي ملي ته به هي ڪامريڊ ٿيڻ پسند ڪندو.

ڪامريڊ ڄام تي تنقيد ڪندڙ هنن “ڏاهن دانشورن” ۾ اها توفيق به نه هئي ته اهي سوويت يونين جي ٽٽڻ جو ڪو سائنسي تجزيو ڪن ها. يا ڪميونسٽ پارٽي جي زوال جي نظرياتي ڇنڊ ڇاڻ ڪن ها. پر افسوس ته اڄ به هنن سمورن تنقيد ڪندڙن جو محور موجوده سرمائيداري نظام ۾ جمهوريت کي ٺيڪ ڪرڻ جي تمنا آهي ۽ بس.  سويت يونين جي ٽٽڻ جو جيڪڏهن مختصر لفظن ۾ تجزيو ڪجي، ته سوويت يونين بالشويڪ انقلاب جي ڏهن سالن کان پوءِ جوزف اسٽالن جي قيادت ۾ رد انقلاب جي طرف  سفر شروع ٿيو هئو، ان آخرڪار اسٽالنزم جو روپ ڌاري ورتو. جنهن کي مارڪسزم ۽ ليننزم جو نالو ڏنو ويو.پر اصل ۾اها مارڪسزم کان کلم کلا غداري هئي. جنهن جو مقصد اقتدار تي پنهنجي آفيسر شاهي جي قبضي کي جاري رکڻ هو.هن ڌرتي جي پورهيت طبقي سان ٻي وڏي غداري اها ڪئي وئي، ته جوزف اسٽالن طرفان  1928ع ۾ پورهيتن جي عالمي تنظيم ٽين انٽرنيشنل جي عالمي منشور مان دنيا جا پورهيت هڪ ٿيو! واري مارڪسزم جي بنيادي پروگرام ۽ نعري کي ختم ڪري، ان جي جاءِ تي” هڪ ملڪ جو سوشلزم“ جو نظريو مڙهيو ويو ۽ اهڙي طرح دنيا جي پورهيت طبقي کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وئي.بدقسمتي سان ان وقت جي ڪميونسٽ پارٽين ان نظرياتي غداري کي پڻ قبول ڪيو. اهڙي طرح  نام نهاد اسٽالنسٽ پاليسي هيٺ دنيا اندر سوويت يونين جهڙن برپا ٿيندڙ پورهيت انقلابن کي آفيسرشاهي جي ڪرپٽ ۽ بدعنوان ڪردارن ۾ تبديل ڪري، اتي مارڪسي معيشت  جي بلڪل ابتڙ ۽ رياستي ڪنٽرول واري معيشت کي لاڳو ڪيو ويو.جڏهن ته آفيسرشاهي جي ڪيل ڏوهن ۽ بدعنوانين جي بدنامي کي پورهيت راڄ واري سوشلزم۽ ڪميونزم جي کاتي ۾ وڌو ويو، ان سان سڄي دنيا جي پورهيت طبقي جو مارڪسزم جي عظيم نظرئي تان ويساهه ختم  ڪرڻ جي ناپاڪ ڪوشش ڪئي وئي. هڪ صدي گذرڻ کان پوءِ به جيڪي پارٽيون اڃا به انهي اسٽالنزم جي نظرئي هيٺ عمل پيرا هجن، ته ان کان وڌيڪ پورهيت طبقي سان ٻي ڪهڙي دشمني ٿي سگهندي؟

سڀ کان ڏکوئيندڙ ڳالهه ته بالشويڪ پارٽي جي سموري ميراث، جنهن پورهيتن جي نجات لاءِ هڪ مثال قائم ڪيو هو، ان جي ميراث کي مڪمل طور تي ختم ڪيو ويو. حقيقت ۾ بالشويڪ پارٽي تعمير ڪرڻ جو طريقو، جنهن ۾ مارڪسي نظرئي تحت  خطي جي مزدورن، هارين، بيروزگارن، عورتن جي اندر وڃي، هڪ هڪ جي نظرياتي تربيت ڪرڻ سان ئي انقلابي مارڪسي پارٽي جي تعمير ٿي هئي. جيتوڻيڪ انقلابي پارٽي جو اهو طريقو گهڻو محنت طلب آهي، پر اهو ئي نجات جو واحد طريقو آهي. جنهن جي وسيلي ئي انقلابي  پارٽي تعمير ڪري، سوشلسٽ انقلاب جي منزل ماڻي سگهجي ٿي. اهڙي طرح ڪامريڊ ڄام ساقي جي ڇڏيل اڌوري مشن کي نه صرف پورو ڪري سگهجي ٿو، پر پورهيتن آزادي ۽ خوشحالي واري خواب کي ساڀيا پڻ بنائي سگهجي ٿو. پورهيتن کي وڃائڻ لاءِ زنجيرون آهن ۽ کٽڻ لاءِ سارو جهان پيو آهي.

پنهنجي تاريخ جو ورثو ته اهو ٿو ٻڌائي، ته پورهيت طبقي جي آجپي ۽ خوشحالي لاءِ ماضي ۾ به ڪيترن ئي انقلابين پنهنجي جان و مال جون قربانيون ڏئي، پاڻ کي سرخرو ڪيو آهي. انهن ۾ هڪ نمايان نالو ڪامريڊ ڄام ساقي جو به آهي. جنهن پنهنجي زندگي جو اڌ صدي کان وڌيڪ عرصو انقلابي جدوجهد کي ارپي ڇڏيو هو ۽ ساهه جي آخري هڏڪي تائين سرخرو به رهيو. ڪامريڊ ڄام ساقي مون سميت سوين هزارين نوجوانن جو اتساهه رهيو آهي ۽ اڄ به نوجوان انقلابين لاءِ اتساهه آهي. ڪامريڊ ڄام ساقي جو رستو ئي هن ملڪ جي نوجوانن جو رستو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.