ڪامريڊ غلام محمد لغاري، سنڌ جي انهن چند چوٽي جي مزاحمت ڪردارن مان هڪ هو جنهن زندگي جا انتهائي اهم سال جيلن ۾ قيد ڪاٽيندي قربان ڪيا. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جڏهن پنڊي سازش ڪيس ۾ جنرل اڪبر، فيض احمد فيض ۽ ڪامريڊ سجاد ظهير سميت 15 ملزمن جي خلاف حيدرآباد جيل جي اندر ڪيس هلي رهيو هو ته ان دور ۾ به ڪامريڊ غلام محمد لغاري ۽ ڪامريڊ ميرمحمد ٽالپر به ايوبي آپيشاهي جي زيادتين، ھارين سان ٿيندڙ ناانصافين، سنڌ جون زمينون انعام ۽ نيلام جي نالي تي سول ۽ وردي پوش عملدارن کي الاٽ ڪرڻ ۽ ون يونٽ مڙھڻ جي خلاف آواز اٿارڻ جي ڏوھ ۾ سزا ڀوڳي رهيا هئا.
ون يونٽ جي خلاف سنڌ ۾ اڳتي وڌي جن سياسي اڳواڻن مڙسي سان بروقت ۽ مهلائتو مهاڏو اٽڪايو ۽ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو انهن ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، قاضي فيض محمد، غلام محمد لغاري، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، سائين جي ايم سيد ۽ شيخ اياز نمايان نالا آهن جڏهن ته سندن ئي قيادت ۾ هزارين شاگردن، اديبن، دانشورن، شاعر پڻ پنهنجو پاڻ خوب ملهائي رهيا هئا.
1969 ۾ جڏهن ايوب خان، اقتدار ِيحيا خان جي حوالي ڪيو ته اڃا چند ڏينهن ئي نه گذريا هئا جو ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ ڪامريڊ غلام محمد لغاري، ريل رستي هڪ تنظيمي گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪرڻ جي لاءِ جڏهن نوابشاهه ريلوي اسٽيشن تي پهتا ته اسان شاگردن نه صرف مارشل لا ختم ڪيو، ون يونٽ ٽوڙيو، سنڌي زبان قومي زبان، سنڌ جون زمينون واپس مقامي بي زمين هارين کي ڏيو ۽ جيئي سنڌ جا نعرا هڻي سندن استقبال ڪيو پر کين جلوس جي شڪل ۾ نعرا هڻندي سيد رشيد احمد شاھ جي رهائش تي پهچايو. سڄي شهر ۾ ڏھڪاءَ پکڙجي ويو هو، هرڪو پريشان هو ته خبر ناهي ته ” هاڻي مارشل لا انتظاميه الائجي ڇا ڪندي “.
سچي ڳالهه اھا آھي ته اسان جي طرفان ان موقعي تي اڳواٽ، نعريبازي جو پروگرام رٿيل نه هو پر جيئن ته شاگردن جو تعداد به چڱو خاصو هو ته ماحول به اهڙو جذباتي بڻجي ويو جو اسان ” شايد ” ٻاراڻي ڪري وياسين.
مارشل لا ضلعي انتظاميا ڪيس داخل ڪيو، مونکي، شاھ محمد شاھ، شهمير خان بنگوار، قاضي عبدالخالق، ميرمحمد سهتو، سڪندر بنگوار، عزيز بنگوار، غلام نبي شيخ وڪيل کي گرفتار ڪيو ويو ، جڏهن ته ڪامريڊ غلام محمد لغاري کي به ٻئي ڏينهن تي حيدر آباد يا مير پور خاص مان گرفتار ڪري نوابشاهه آندو ويو.
انهن ئي ڏينهن ۾ سائين جي ايم سيد، شيخ مجيب الرحمان جي ڪراچي جي مشهور هوٽل ۾ دعوت ڪئي هئي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، جيئن ئي ان دعوت مان فارغ ٿي هوٽل کان ٻاهر نڪتو ته کيس گرفتار ڪري اڌ رات جو نوابشاهه پهچايو ويو. ٿاڻي جي ھڪ ئي ننڍي کولي ۾ اسان سڀ گڏ هئاسين . آڌي رات جو عظيم ڪامريڊ جتوئي کولي ۾ قدم رکڻ سان بلند آواز ۾ اسان سڀني کي
” جيئي سنڌ ” چئي مرڪندي سلام ڪيو . جتوئي صاحب جي طبيعت ٺيڪ نه هئي، کيس ڦڦڙن جو ڪينسر هو. سندس تڪليف ڏسي کيس عرض ڪيم ته ” سائين اوهان جي پيرن کي زور ڏيان ” ته ڪامريڊ وراڻيو ” نه بابا نه، اهڙي ڳالهه نه ڪيو.“ڪامريڊ لغاري انتهائي دلچسپ، خوش طبع ۽ زنده دل انسان هو، صبح جو اک هڻندي چيائين ته ” بابا اوهان ٻاراڻي ڪئي، هروڀرو نعريبازي ڪئي، هاڻي ڏسو ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کي هن عمر ۾ هن حالت ۾ ڪيڏي تڪليف ٿي رهي آهي. ”ڪامريڊ لغاري اڃا اهو چئي بس ڪئي ته ڪامريڊ جتوئي يڪدم وراڻيو “ لغاري، نوجوانن کي مايوس نه ڪر، هنن جيڪو ڪجهھ ڪيو آهي، ٺيڪ ڪيو آهي. ”ٻئي ڏينهن تي جڏهن اسان سڀني کي لوڪل بورڊ نوابشاهه جي آفيس ۾ قائم مارشل لا ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ جي لاءِ پوليس وين ۾ سوار ڪيو پئي ويو ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي لاءِ وين ۾ چڙهڻ مشڪل بنجي رهيو هو، پوليس جي ڊي ايس پي، جتوئي صاحب کي انتهائي ادب سان ڪلھي تي کڻي وين ۾ ويهاريو. ان ساڳي سيد ڊي ايس پي جڏهن ٻيهر مارشل لا ڪورٽ جي ٻاهران ڪلھي تي ويھاري وين مان هيٺ لاٿو ته سچ پچ سندس اکيون ڀرجي آيون.
مونکي ياد آهي ته ان موقعي تي ايس ايڇ او، ڊي ايس پي کي چيو هو ته ” سائين ڪجهھ خيال ڪيو، اوهان فوجي ڪورٽ جي عملدارن جي سامهون جيڪو ڪجهھ ڪري رهيا آهيو، ان تي هنن کي ڪاوڙ نه لڳي“؟ تنهن تي ان سيد کي سلام ھجي جنهن ايس ايڇ او کي چيو هو ” اهڙن ماڻهن جي لاءِ نوڪري وڃي ته وڃڻ ڏينس“ ڪورٽ سڳوري، مونکي، شهمير خان کي، قاضي عبدالخالق کي، ميرمحمد سهتي کي، عزيز بنگوار ۽ سڪندر بنگوار کي سال سال جي سزا ڏيئي سکر سينٽرل جيل موڪليو، سائين شاھ محمد شاھ کي حيدر آباد جيل موڪليو. غلام نبي شيخ وڪيل تي 20 هزار ڏنڊ وڌو، جڏهن ته ڪامريڊ جتوئي ۽ ڪامريڊ لغاري کي آزاد ڪري ڇڏيو.
ڪامريڊ غلام محمد لغاري، سنڌ هاري ڪميٽي جو صدر به رهيو ته نيشنل عوامي پارٽي، سنڌ جو صدر به رهيو . شاگردن جي طرفان جڏهن، ووٽ لسٽون سنڌي زبان ۾ به شايع ڪيو، ون يونٽ ٽوڙيو ۽ سنڌي زبان کي قومي زبان جو درجو ڏيو جي مطالبن کي تسليم ڪرڻ جي لاءِ 1969 ۾ تحريڪ شروع ڪئي ويئي ته ڪامريڊ غلام محمد لغاري ۽ قاضي فيض محمد به گڏجي شاگردن جي جدوجهد ۾ عملي طور تي شريڪ ٿي جدوجهد کي ڪامياب ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو . ڪامريڊ غلام محمد لغاري، تمام حساس دل رکندڙ، سٺو ۽ جذباتي مقرر هو جنهن جي ڪري وقت بوقت، وقت جا حڪمران کيس سزائون ڏيندا، قيد ڪندا رهيا، جڏهن ته ڪامريڊ لغاري به نه ڪڏهن جهڪيو ته نه ئي مصلحت جو مظاهرو ڪيو ۽ آخري دم تائين سنڌ، سنڌ جي هارين ، پورهيتن ۽ انساني حقن جي لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو. ڪامريڊ غلام محمد لغاري، ”سچائي “ جي نالي سان هفتي وار يا ماهوار اخبار پڻ شايع ڪندو هو ، پر مسلسل ۽ گهڻو وقت جيل ۾ ھجڻ جي ڪري باقاعدگي سان اخبار ڪڍڻ مشڪل هو.