پاڪستان ۾ قومي ٻولين جو مقدمو !

تحرير: علي محمد ميمڻ

             ملڪ جون پنج وڏيون قومون ۽ انهن جون ٻوليون رياست ۽ ملڪ ۾ پنهنجي مڃتا ۽ حقن کان اڄ ڏينهن تائين محروم آهن. ملڪ ۾ قومي ٻولين کي پڙهائڻ ۽ مڃتا ڏيڻ تي سڀ کان وڌيڪ پابنديون موجود آهن ايتري حد تائين جو ملڪ جي ٺهڻ دوران شامل ٿيندڙ قومن ۽ صوبن سان پڻ ويساهه گهات ديده دليري سان ڪيو ويو آهي. ملڪ جي دانشورن، صحافين ۽ علمي ۽ ثقافتي ادارن جي ورهين کان جاري مهم جي نتيجي ۾ 2017 ع ۾ وزير اعظم ميان نواز شريف جي دور حڪومت ۾ صوبن ۽ صوبن جي حڪومتن جي پٺڀرائي ۽ ٺهرائن جي نتيجي ۾ ملڪ جي چئن وڏين قومن جي ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيڻ لاء پنجابي، سنڌي، پشتون ۽ بلوچي قوم ٻولين وارو بل پارليامينٽ ۾  پيش ڪيو ويو. پارليامينٽ جي ايوانن سينيٽ آف پاڪستان ۽ قومي اسيمبلي لاء  قومي ٻولين جي بل بابت پارلياماني ڪاميٽيون مقرر ڪيون ويون ۽ ٻنهي ايوانن ۾ هن بل تي تمام وڏا تڪرار پيدا ٿيا. پر سينيٽ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڪثريت هئڻ ڪري سينيٽ مان قومي ٻولين وارو بل منظور ٿي ويو ۽ ان بل کي قومي اسيمبلي ۾ موڪليو ويو جتي مسلم ليگ ن جي اڪثريت ان کي قومي ٻوليون قبول نه ڪيو ۽ مسلم ليگ جي حڪومت جي ڪاميٽي جي سربراهه جاويد عباسي جي اڳواڻي ۾ ان بل کي قومي ٻولين بدران علاقائي ٻوليون قرار ڏيئي ڇڏيو. اهڙي ريت ملڪ جون قومون اڄ ڏينهن تائين پنهنجي قومي مڃتا ۽ پنهنجي قومي ٻولين جي قبوليت کان محروم آهن.

دنيا جي ترقي ڏٺي وڃي ۽انهن ۾ تعليم جي شرح کي ڏٺو وڃي ته اها مادري زبانن ۾ ٿي رهي آهي ۽ اهي قومون وڌي ۽ ترقي ڪري ترقي يافته ٿي ويون آهن. هن وقت پاڪستان ۾ 52 کان وڌيڪ ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. عالمي تحقيق موجب پنهنجي ماء ٻولي ۽ انهن ٻولين ۾ تعليم جا تمام بهترين نتيجا ملن ٿا .دنيا ۾ انگريز قومون پنهنجن ٻارڙين کي سندن مادري زبان انگريزي، فرينچ قوم  پنهنجن نسلن کي فرانسيسي زبان ۾، جرمن، چيني، جپاني قومون پنهنجن نسلن کي پنهنجي مادري زبانن جرمني، چيني ۽ جپاني زبانن ۾ ئي تعليم ڏيئي رهيون آهن ۽ هو تيزي سان ترقي ڪري رهيون آهن جڏهن ته اسان جي ملڪ ۾ پنهنجي مادري زبان ۾ تعليم جي اهميت کي اڃا تائين سمجهيو ئي نه ويو آهي. هندستان ۾ 26 ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏنو ويو آهي. هن  ملڪ ۾ سنڌي ۽ اردوکي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ لازمي طور تي پڙهائي ويندي آهي پر جنهن ملڪ جون اهي وڏيون ٻوليون آهن اتي انهن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي. مادري ٻولين ۾ تعليم تمام آسان ۽ وڌيڪ فائديمند ثابت ٿئي ٿي پر ان جي ابتڙ معصوم شاگردن  کي غير مادري زبانن ۾  ٻين  ٻن کان ٽن ٻولين ۾ پڙهايو وڃي ٿو جنهن ڪري هو ڪنهن به ٻولي ۾ ماهر نه ٿا ٿين پر انهن تي تدريسي ۽ تعليمي بار ايترا ته وڌا وڃن ٿا جو هو هر شعبي ۾ پٺتي رهجي وڃن ٿا اهو ئي سبب آهي جو اسان جي پوري ملڪ ۾ تعليم ۽ تعليمي ادارن ۽ يونيورسٽين جو معيار عالمي سطح تي تمام گهڻو هيٺ آهي ۽ اسان جا نوجوان دنيا سان تعليم ۽ ڏاهپ جي اعليٰ معيار ۽ سطح تي وڃي مقابلا ڪرڻ ۽ پنهنجو پاڻ مڃرائڻ بدران انهن جي ماتحت زندگي گذارڻ ۽ ذهني دٻائن جو شڪار رهن ٿا. ملڪ ۾ حڪومتن جي ڪوتاهه نظري ڪري سنڌي جهڙي دنيا جي قديم ۽ وڏي زبان سرڪاري سطح تي قبول نه پئي ڪئي وڃي ۽ شهرن جي اسڪولن ۽ ٻين تعليمي ادارن ۾  سنڌي زبان نٿي ڳالهائي وڃي ۽ نه ئي ان ۾ تعليم ڏيڻ ڪا خاص توجهه ڏني وڃي ٿي.  جڏهن ته اسان جي سنڌي ٻولي 5 هزار سال پراڻي آهي، ۽ هي پنهنجي ملڪ ۾ ئي پنهنجي حق کان محروم آهي.

سنڌ اهڙو صوبو آهي. جتي پاڪستان جي سمورين قومن ۽ علائقن جا ماڻهو رهن ٿا.سنڌ اسيمبلي طرفان 20فيبروري 2023ع تي قومي ٻولين جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ جو ٺهراءُ گڏيل طور تي منظور ڪيو ويو. مادري ٻولين کي نصاب جو لازمي حصو بڻايو وڃي ۽ پاڪستان ۾ ڳالهائي ويندڙ سمورين ٻولين کي قومي زبانون ۽ ٻوليون قرار ڏنو وڃي ان حوالي سان قومي اسيمبلي ۾ بل موجود آهي، ان بل کي منظور ڪرايو وڃي. دنيا ڪيتري به ماڊرن ٿي وڃي، اسان کي فخر آهي ته اسان هڪ اهڙي زبان سان لاڳاپيل آهيون، جيڪا 5 هزار سال پراڻي تهذيب جي نمائنده آهي.  سنڌي ٻولي پنهنجي شهرن مان تيزي سان ختم ٿي رهي آهي نئين نسل ۽ موجود دور ۾ شاگردن کي پنهنجن اسڪولن ۽ ٻين تعليمي ادارن ۾ سنڌي زبان ۾ گهڻو ڪري تعليم نه ٿي ڏني وڃي . جنهن ڪري نئون نسل پنهنجي ماء ٻولي کان ڌار ٿيندو پيو وڃي. اسان جا ٻار جڏهن اسڪول وڃن ٿا ته انهن کي استاد سنڌي ٻولي پڙهائڻ کان قاصر آهن، اسان کي فخر آهي ته اسان سنڌي آهيون. ايم ايم اي جي ميمبر سيد عبدالرشيد ٺهراءُ تي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته دنيا جي ترقي ڏٺي وڃي، ان جي خواندگي شرح کي ڏٺو وڃي ته اها مادري زبان تي آهي، هن وقت پاڪستان ۾ 52 کان وڌيڪ ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون۔

سنڌ اهڙو صوبو آهي. جتي پاڪستان جي سمورين قومن ۽ علائقن جا ماڻهو رهن ٿا. ٻوليون سب پياريون ٿينديون آهن جيڪڏهن اسان کي سنڌ سان محبت آهي ته اسان کي ٻيون ٻوليون به سکڻ گهرجن، هر ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو هجڻ گهرجي. پاڪستان ۾ هن وقت 60 ٻوليون آهن، ڪافي ٻولين جو اڄ وجود نه آهي، اڄ دنيا بنگلاديش جي ٻولي کي تسليم ڪيو، اسان ان کي تسليم نه ڪيو ۽ ناانصافي سان اسانجي ملڪ کي تمام وڏو نقصان ٿيو ۽ ملڪ ٻه ٽڪرا ٿي ويو ، جيڪڏهن اسان 1952 ۾ ان جي قومي ٻولي تسليم ڪريون ها ته  ملڪ انهن سانحن ۽ حادثن جو شڪار نه ٿئي ها. بنگلاديش جي ٻولي کي تسليم نه ڪيو ويو، شاگردن ان تي احتجاج ڪيو، ڍاڪا ۾ ان تي پوليس گردي ڪئي وئي. ان قسم جي ناانصافي ۽ جبر ڪري ٻولين بابت تڪرارن جو هتان بنياد پيو. انگريزن جي دور ۾ سنڌي ٻولي تمام گهڻي ترقي ڪئي ۽ سرڪاري سطح تي سنڌي کي لازمي قرار ڏنو ويو. 1857 ۾ ڪمشنر ليٽر ڪڍيو ته سڀ ڪلرڪ سنڌي جو امتحان پاس ڪن، جيڪو سنڌي جو امتحان پاس نه ڪندو هو ان کي پوسٽنگ نه ملندي هئي.

انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچي طرفان گذريل ڏينهن صدر سيد ڪرم علي شاهه جي صدارت ۾   ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڪوٺايل اهم اجلاس ۾ فيصلوڪيوويو آهي ته قومي ٻولين جي بل کي سينيٽ وانگر قومي اسيمبلي مان به پنهنجي اصل صورت ۾ منظور ڪرائڻ لاء ملڪ جي  دانشورن، صحافين، اديبن، علمي ۽ ادبي ادارن، مختلف سياسي ڌرين ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي جاڳايو ويندو.  ڊسمبر ۾ ڪراچي ۾” قومي ٻوليون ڪانفرنس” ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.  جنهن ۾سنڌي ٻوليءَ  ۽ ترقي ۽ مسئلن ۽ مشڪلاتن جو جائزو ورتو ويندو ۽ پاڪستان جي قومن جي قومي  ٻولين سنڌي، بلوچي، پنجابي، پشتو ۽ سرائيڪي کي رياست ۽ حڪومت طرفان قومي ٻوليون قرار ڏيڻ تي زور ڏنو ويندو ۽ ان ڏس ۾  اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف جي گذريل دورحڪومت ۾ صوبن جي اديبن، دانشورن طرفان قومي ٻولين جي تيار ڪيل بل کي سينيٽ آف پاڪستان مان منظور ڪيوويو پر قومي اسيمبلي ۾ ان بل کي مسلم ليگ ن طرفان علائقي ٻوليون قرار ڏيڻ تي سخت افسوس جو اظهار ڪيو ويو ۽ قومي ٻولين جي بل کي قومي اسيمبلي مان پڻ اصل حالت ۾ منظور ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. اجلاس ۾ چيو ويو ته پاڪستان هڪ وفاقي ملڪ آهي جنهن ۾ قومن پنهنجين صوبن ۽رياستن طرفان پنهنجي آزاد حيثيت ۾ وفاق ۾ شموليت ڪئي ويئي هئي ۽ شامل ٿيندڙ قومن کي قائد اعظم محمد علي جناح  ۽ سندس  اولين حڪومت طرفان سمورا قومي حق حاصل هجڻ ۽ اهي آئين ۾ محفوظ رهڻ  جو يقين ڏياريو ويو هو پر قائد اعظم جي وفاق بعد حڪومتن انهن معاهدن تان نه صرف انحراف ڪيو پر هن وقت تائين ملڪ جي قومن جي قومي ٻولين کي پڻ تسليم ۽ قبول ئي نه ڪيو ويو آهي. جنهن ڪري انجمن جو اهو مطالبو آهي ته ملڪ جي سمورين قومن جي ٻولين کي قومي ٻوليون قرار ڏنو وڃي ۽ انهن جي ترقي ۽ مادري ٻولين جي ترقي ۽ تعليم  لاءِ وڌ ۾ وڌ قدم کنيا وڃن ۽ قومي اسيمبلي مان پڻ چئن قومي ٻولين واري بل کي سينيٽ واري بل مطابق منظور ڪيو وڃي ۽ ملڪ ۾ قومي ٻولين کي سرڪاري طور تي رائج ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.