سنڌڙي ڀرسان نينگري زيادتي جو شڪار، ماءُ فحاشي اڏو هلائڻ جي الزام ۾ گرفتار

سنڌڙي (رپورٽ: ڪاشف علي شر) سنڌڙي جي دلبر مهر ٿاڻي جي حد ڳوٺ فوجي رانگڙ ۾ نينگري کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، کيس بيھوشي جي حالت ۾ سول اسپتال ميرپورخاص منتقل ڪيو ويو،  جتان طبي امداد کانپوءِ سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي، دلبر مهر پوليس سرڪار جي مدعيت ۾ نينگري ڪ ڪولھي جي ماءُ راڻي ۽ سندس پيءُ رائيمل خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، ذريعن موجب پوليس راڻي زال رائيمل ڪولھي ۽ هيرو ڪولھي کي گرفتار ڪري عورت کي وومين پوليس ميرپورخاص ۽ هيرو  کي دلبر مهر ٿاڻي تي کڻي آئي آهي، جن کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، ايس ايڇ او دلبر مهر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو راڻي جوابدار هيرو ڪولھي سان گڏجي فحاشي جو اڏو هلائي ٿي، راڻي پنهنجي نابالغ معصوم نياڻي کي بگهڙن حوالي ڪري زيادتي جو نشانو بڻايو، جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.