ٽنڊو آدم (ن ع آ) ٽنڊو آدم ويجهو ڳوٺ باگوودادڻي ۾ اسماعيل ڏاھري جي ويجهن عزيزن کي پناهه ڏيڻ جو الزام هيٺ ٽنڊو آدم سميت ضلع سانگهڙ جي مختلف ٿاڻن جي پوليس اٽالن ڪٻر ۽ ڏاهري برادري جي گهرن کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن ڪيو، ان دوران پوليس 4 عورتن سميت 11 ڄڻن کي گرفتار ڪري کڻي وئي، واقعي خلاف ڳوٺاڻن شهدادپور بار ايسوسيئيشن صدر غلام مصطفيٰ سومرو، خالد ڪٻر، شاهد ڪٻر جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، هنن چيو ته پوليس گردي جي انتها ڪري گهرن جي چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي گهرن مان عورتن مردن کي گرفتار ڪري 50 کان مٿي جانور، ڪڻڪ، سونا زيور، ڏاج جي سامان سميت سمورو سامان ٻهاري وئي آهي،
هنن چيو ته پوليس ڀوتارن جي ونگاري بڻيل آهي ٻن ڏينهن اندر پوليس گرفتار ٿيل بيگناھ ماڻهن کي آزاد نه ڪيو ته اسان سانگهڙ روڊ تي ڌرڻو هڻنداسين.