سڪرنڊ( رپورٽ: راجڪمار اوڏ)درگاهه پير ذاڪري جي سجاده نشين سيد محمد منير شاهه چيو آهي ته مسلمانيت ۽ ملائيت بلڪل الڳ آهي، ملو هڪ الڳ ذهني سوچ جو عڪس آهي جيڪو ملو پنھنجي ڪردار ۾ ظاهر ٿو ڪري، ملي جو اسلام جي حقيقت سان ڪو به تعلق ڪونهي، موجوده صورتحال ۾ درگاھن جو اهو فرض ٿو بڻجي ته هن وقت جڏھن مذھبن جي وچ ۾ ۽ مذھبن اندر قائم مخلتف فرقن جي وچ ۾ جيڪا ڇڪتاڻ لڳي پئي آهي اها سنڌ جي مستقبل لاءِ انتهائي ڀيانڪ آهي، پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته درگاهه پير ذاڪري جي سالياني اجتماع تي اسان جو پيغام اهو هوندو ته هن صورتحال ۾ درگاھن جو ڪردار ڪهڙو هئڻ گهرجي؟ درگاهن ۽ مسجدن ۾ جيڪي پير، ملا ۽ گادي نشين ٿيا ويٺا آهن، انهن خلاف آواز اٿارڻ کپي، هن چيو ته ماڻھن کي اها آگاهي ڏيڻ گهرجي ته ملائيت ۽ اسلام ٻئي الڳ الڳ آهن. هن چيو ته آئون سمجهان ٿو ته حضور اڪرم صلي الله عليه واله وسلم ۽ ڪربلا کان پوءِ اسلام ۾ جيڪا ورهاست ٿي اها اجتماعي طور ٻن حصن ۾ ٿي. هڪ حسينيت ۽ ٻي يزيديت، هن وقت حسينيت ۽ يزيديت ٻئي سامهون آهن، ڇو ته جتي يزيديت هوندي اتي حسينيت به هوندي، اسان کي گهرجي ته پنهنجو ڪردار ادا ڪريون. ان لاءِ اهڙي وقت ۾ درگاھن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته درگاهن تان صوفين جو جيڪو امن، ڀائيچاري ۽ رواداريءَ جو پيغام آهي اهو عام ٿيڻ گهرجي. سيد محمد منير شاهه چيو ته اسان جو ڪهڙو مسلڪ، ايمان يا نظريو آھي، ڪنهن کي مڃون ٿا ڪنهن کي نٿا مڃو اهو هر ڪنهن جو ذاتي معاملو آهي، باقي ڪنهن جي به خلاف نه هئڻ گهرجي. ان جو اهو مطلب قطعي نه هئڻ گهرجي ته جيڪو اسان جي خلاف آهي ان کي ڪافر چئي ۽ قانون هٿ ۾ کڻي پاڻ ويهي ماريون. هن چيو ته انشاءَ الله پهرين نومبر تي درگاه پير ذاڪري تي ساليانو روحاني اجتماع ٿيندو آهي، ان ۾ آيل پنهنجي معتقدن، مريدن ۽ محبت ڪندڙن تائين به اهو پيغام پهچائينداسين جيڪو اسان جي فرضن ۾ شامل آهي.