لاهور (امداد سومرو) جاتي امرا ۾ مسلم ليگ ن، پيپلزپارٽي ۽ جي يو آءِ جي قيادت جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ اهو طئي ٿيو ته آئيني بينچون قائم ٿينديون. اهو سمجهي سگهجي ٿو ته چيف جسٽس منصور علي شاهه نه هوندو. مولانا فضل الرحمان پنهنجي ڳالهه مڃرائي آهي ۽ هنن سندس ڳالهه مڃي ورتي آهي. اجلاس ۾ ن ليگ فوجي عدالتن جي حوالي سان ترميمن تي زور ڀري رهي هئي ته کين چيو ويو ته هاڻي 9 مئي جو معاملو اهڙو ناهي رهيو جو فوجي عدالتن ڏانهن وڃجي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سڀني کي چيو ته اوهان اهڙا فيصلا نه ڪري وڃو جو پوءِ اسان کي اڳتي هلي هر قدم تي فوج جو هٿ پڪڙي هلڻو پوي. آصف علي زرداري مولانا فضل الرحمان کي چيو ته اوهان ته ميان صاحب جي گهڻو ويجهو آهيو، هاڻي اوهان ئي کيس پرچائي ڏيکاريو. مولانا فضل الرحمان عدالتي سڌارن تي پي ٽي آءِ کي پرچائڻ لاءِ وقت گهريو، سندس فرمائش تي آئيني پيڪيج گذريل ڏينهن پيش نه ڪيو ويو. فوجي عدالتن جي معاملي تي پي ٽي آءِ ڪڏهن نه مڃيندي ۽ هو احتجاج به ڪري رهيا آهن. پر طئي ٿيو آهي ته آئيني بينچون ٺهنديون، چيف جسٽس منصور علي شاهه نه هوندو، ججن جي مقرري جو طريقيڪار تبديل ٿيندو ۽ چيف جسٽس جي مقررين جو طريقيڪار به تبديل ٿيندو.
-
مولانا فضل الرحمان جسٽس منصور علي شاهه کي چيف جسٽس ڏسڻ جو خواهشمند
اسلام آباد (انصار عباسي) جمعيت علماءِ اسلام جي تجويز تي آئيني عدالت هاڻي نه ٺهندي پر آئيني بينچون ٺهنديون. ان جو مطلب اهو آهي ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وقت تي ريٽائر ٿي ويندو ۽ پوءِ سندس ڪو ڪردار نه رهندو. اهڙي ڳالهه پارلياماني ڪاميٽي جي گڏجاڻي دوران پيش ڪيل ڊرافٽ ۾ چئي وئي. ان تي ڪنهن کي به اعتراض ناهي. آئيني بينچون جوڊيشل ڪميشن ٺاهيندي، هاڻي تجويز ڏني وئي آهي ته ججن جي مقرري ۽ آئيني بينچون قائم ڪندڙ جوڊيشل ڪميشن ۾ 6 جج هوندا ۽ 7 ٻيا ميمبر هوندا. چيف جسٽس جي مقرري بابت چيو ويو ته ٽن سينيئر ججن مان ڪو هڪ چيف جسٽس بڻجندو. جي يو آءِ چاهي ٿي ته جسٽس منصور علي شاهه کي ئي چيف جسٽس بڻجڻ ڏنو وڃي پوءِ ٽن سينيئر ججن کي اڳتي هلي ڏٺو وڃي. پارلياماني ڪاميٽي ۾ تبديلي جي حوالي سان اهو چيو ويو آهي ته سياسي پارٽين جي حوالي سان انهن جي نمائندگي هجڻ گهرجي، ان جي ڪري حڪومتي ميمبرن جو انگ وڌيڪ ٿي سگهي ٿو. ايم اين ايز ۽ سينيٽرز جي چونڊجڻ اها تجويز آهي ته 90 ڏينهن تائين هو ٻٽي شهريت رکي سگهندو. سروسز چيفس جي مقرري جي حوالي سان تجويز آهي ته انهن کي آئيني تحفظ ڏنو وڃي. جي يو آءِ کي رڳو چيف جسٽس منصور علي شاهه واري معاملي تي اعتراض آهي. پي ٽي آءِ چاهي ٿي ته جڊيشل ڪميشن ۾ ججن جو انگ وڌيڪ هجڻ گهرجي. پارلياماني ڪاميٽي جا ميمبر به برابر هجڻ گهرجن ۽ ٽيون اعتراض اهو آهي ته ٻٽي شهريت رکندڙ ايم اين اي کي 90 ڏينهن جي رعايت نه ڏني وڃي.