ساريال جو فصل ۽ آبادگارن جا مسئلا

تحرير: خالده منير

لڳي وئي لاڙ سان آ لنئون

اوهان کي ٻيو ڀلا ڇا چئون

اسان کي عشق سارين جيئن

ڇنڊي ڦوڪي ڇڙي ٿو پيو

حسن درس پنھنجي شاعري ۾ لاڙ ۽ سارين جي رشتي کي انتھائي خوبصورتي سان چٽيو آھي، ڇاڪاڻ جو لاڙ ۾ سارين جو فصل آمدني يا خوراڪ جو اھم ترين ذريعو سمجهيو وڃي ٿو، لاڙ سنڌ جي پٺتي پيل علائقو آھي، جيڪو هميشه دريائي ٻوڏن ۽ سمنڊ جي طوفانن جي زد ۾ رهيو آھي، جتي غربت ۽ بدحالي جو راڄ ڇانيل رهيو آهي، ڦاٽل ڪپڙن ۽ پيرن اگھاڙن ماڻهن جي منهن مان انهن جي بيوسي نمايان نظر ايندي آهي، جتي جون زمينون هڪ طرف سمنڊ کائيندو ٿو وڃي ته ٻئي طرف ڪلر ۽ لوڻياٺ هجڻ جي ڪري وڏي ايراضي بنجر ۽ غير آباد رھندي پئي اچي، هر سال نھري مٺو پاڻي نه ملڻ ڪري بدين، سجاول ۽ ٺٽي جي بچيل آبادي لائق زمين به اڪثر غير آباد رھجيو وڃي، جيڪو ٿورو گهڻو فصل پوکجي ٿو، سو به پاڻي جي کوٽ سبب سُڪيو وڃي يا گھٽ اپت ڏيندو آھي جنھن ڪري اتان جي هارين سان گڏ زميندارن جي اڪثريت به قرضي هجي ٿي، لاڙ جي ڪافي علائقن ۾ پڪا گهر ته ماڻهن جو خواب ئي آهن، اڪثر مٽي جا گهر ۽ لئي جي پتر جا جھوپڙا ٺهيل آهن، جتي جا ماڻهو ٻچن جي اجھي ۽ لٽي جي به پڄت نه رکندا آهن.

هونئن ته سنڌ جي ٻين ڪجهه علائقن ۾ به ساريال جو فصل ٿيندو آهي، پر لاڙ جي ماڻهن جو خاص طور تي جياپي جو اھم ذريعو سارين جو فصل آهي. سال جا ٻارنهن مھينا هنن جي جهوپن مان چانورن جي اٽي جي پڪل ماني جي خوشبو ايندي آهي، سندن ٿلهن / اوٽن تي مٽي جون ٺهيل گنديون هونديون آهن، جن ۾ هو داڻا محفوظ ڪري رکندا آهن، پر  جيڪڏهن ٻوڏ آئي ته اهي گنديون به لڙهي وينديون آهن ۽ ھزارين خاندان پيٽ جو دوزخ ڀرڻ لاءِ به پريشان ٿي ويندا آهن، جي ٻوڏ کان بچندا آهن ته ٻين فصلن وانگر مارڪيٽ ۾ سارين جا به اگھه ھٿ وٺي ڪيرايا ويندا آهن جنھن سان آبادگارن جا مٿي تي ھٿ اچيو وڃن. سارين جي پوکي جو مناسب وقت مئي مھيني جو شروعاتي عرصو ھوندو آھي جنھن دوران ٻيجارو پوکجي ٿو، جيڪو هڪ مهيني اندر تيار ٿي ويندو آهي، ان کانپوءِ رونبو ڪيو وڃي ٿو، هن وقت مختلف قسمن جون جنسون مارڪيٽ ۾ ٻج جي صورت ۾ ملي رهيون آهن، جن ۾ خاص ڪري هائبرڊ ورائٽي وڌيڪ بهتر سمجھي وڃي ٿي، مارڪيٽ ۾ هائبرڊ ٻج جو هڪ ڪلو 2 هزار کان 25 سو تائين ملي ٿو، مقامي ٻج 200 کان 300 تائين في ڪلو گرام ملي ٿو، هڪ ايڪڙ زمين جي تياري لاءِ سڀ کان پهرين زمين کي سُڪائي هر ڏنو ويندو آهي، هر يا کيڙي ڪرڻ کانپوءِ زمين کي ليول يا سڌي ڪرڻي پوندي آهي، جنهن ۾ پنج ڪلاڪ ٽريڪٽر لڳي ويندو آهي، جنهن جو خرچ 10 هزار کان 12 هزار تائين ٿي ويندو آهي، سارين جي هڪ ايڪڙ زمين جي ايراضي ۾ هڪ عدد ڊي اي پي ڀاڻ لڳائي رونبو ڪبو آهي، ڊي اي پي ڀاڻ جي هڪ عدد ٻوري جي قيمت تقريباً 7 هزار آهي ڀاڻ ڏيڻ کانپوءِ ان ۾ پنج لک ٻوٽا هٿ سان لڳايا ويندا آهن، ڪٿي ڪٿي هاڻي اهو ڪم مشين سان به ڪيو ويندو آهي، پر عام طور تي مزدور ئي ڪن ٿا جنهن جي مزدوري 7 هزار ٿيندي آهي، ڏهن کان سورنهن ڏينهن اندر يوريا ڀاڻ جي ٻوري سان گڏ زنڪ سلفيٽ جي بيگ ڏني وڃي ٿي، جنهن جو خرچ هڪ هزار ٿي ويندو آهي، پاڻي مسلسل هوندو ئي آهي، جيڪڏهن پاڻي نه مليو ته ساريون سڙي وينديون آهن، وري هڪ مهيني اندر ٻيو دفعو ڀاڻ ڏنو ويندو آهي ۽ اسپري سان دوا لڳائي ويندي آهي، جيڪڏهن گند، ڪچري ۽ گاھ جي گهڻائي هجي ته پوءِ ان کي به اسپري وسيلي ختم ڪيو ويندو آهي نه ته هٿ سان مزدورن کان گڏ جي صورت ۾ ڪم ورتو ويندو آهي پر هن وقت ڀاڻ جي هڪ ٻوري بجاءِ ڏيڍ ٻوري ڏني وڃي ٿي، آخر ۾ ساڍن ٽن مهينن جي اندر آخري ڀاڻ به ساڳئي مقدار ۾ ڏنو ويندو آهي، پر هن آخري ڀاڻ سان گڏ ڪيميڪل زهر واري دوا بدلي ٿي ويندي آهي زنڪ جي جڳھ تي هوپو يا پاڊان وغيره ڏني ويندي آهي، جنهن سان سارين جي قوت مدافعت وڌي ٿي داڻو وزن ڪري ٿو، جيڪڏهن مقامي جنس پوکيل آهي ته في ايڪڙ 70 کان 80 مڻ ڏيندو، جيڪڏهن هائبرڊ ٻج پوکيل آهي ته 80 کان 100 مڻ ڏيندو آھي. جيڪڏهن مشين جو پاڻي آهي ته وڌيڪ ڏھ ھزار خرچ ٿيندو، هن وقت مارڪيٽ ۾ سارين جو اگهھ 25 سو کان 28 سو  رپيا مڻ آهي، جيڪو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي، جيڪڏهن 80 مڻ في ايڪڙ تي ٿئي ته لاهيارن جي لائي، بٽئي ڏهون حصو ٿيندي 80 مڻ تي 8 مڻ لابارو ڪندڙ کي ملندا، 8 مڻ ٿريشر مشين جا ٿيندا، 80 مڻ مان 16 مڻ خرچ ٿي ويندا باقي بچندا 64 مڻ جنهن ۾ جيڪڏهن هاري اڌ جو آهي ته 32 مڻ کڻندو جيڪڏهن هاري 3 حصي تي آهي ته تقريبن 22 مڻ کڻندو. زمين تي جيڪو به خرچ ايندو ان مان اڌ هاري جي حساب مان ڪٽ ڪبو. وري ڪارخاني وارا 40 ڪلو بدران 42 ڪلو وڌيڪ ڪٽ ڪندا آهن،

مطلب ته هڪ ايڪڙ فصل مان 20 کان 25 هزار بچت ٿئي ٿي، سا به جيڪا زمين زرخيز آهي باقي ٻڏل ۽ بنجر زمين ۾ گھڻي ڀاڱي نقصان ئي ٿئي ٿو، هن وقت جيڪو مارڪيٽ ۾ ريٽ هلي پيو ان ۾ آبادگارن کي نقصان آهي، هن وقت به سارين جي فصل جي آبادگارن طرفان سارين اگهن کي وڌائڻ جا مطالبا ڪيا وڃن پيا سو حڪومت کي گهرجي ته سارين جي آبادگارن جا مسئلا فوري طور حل ڪري جيئن آبادگارن مان بيچيني ختم ٿئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.