پاڪستان پيپلزپارٽي جي نوجوان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ ھارين جي مالي حالت بھتر بڻائڻ واري پنھنجي پارٽي جي منشور ۾ ڪيل ھڪ وڌيڪ واعدي کي سومر واري ڏينھن 14 آڪٽوبر 2024 تي سنڌ جي ھارين ۾ بينظير ھاري ڪارڊ جاري ڪري پورو ڪري ڇڏيو.ان مقصد لاءِ سنڌ جي وزيراعليٰ ھائوس ۾ ھڪ ُپروقار تقريب منعقد ڪئي وئي.جنھن ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ سندس ڪابينا جا رڪن ، آفيسر ، پيپلزپارٽي جا اڳواڻ ۽ ھارين جا نمائندا موجود ھئا.
ت قريب جي شروعات ۾ بريفنگ دوران ٻڌايو ويو تھ بينظير ھاري ڪارڊ جي لاءِ ھلندڙ مالي سال ۾ 8 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آھن ۽ پھرين مرحلي ۾ صوبي جي لک حقدار ھارين کي ھاري ڪارڊ جاري ڪيا ويندا.بينظير ھاري ڪارڊ جي ذريعي نھ رڳو ھارين جي مالي مدد ڪئي ويندي بلڪھ ھاري ان ڪارڊ جي مدد سان رعائيتي قيمتن تي سامان جي خريداري ڪرڻ سان گڏ آسان قسطن تي قرض بھ حاصل ڪري سگھندا.
تقريب ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ۽ سنڌ جي زراعت واري وزير محمد بخش مھر سنڌ ۾ زراعت جي شعبي ۾ ٿيل اڳڀرائي تي روشني وڌي.تقريب جي مھمان خاص چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو تھ پيپلزپارٽي ھميشھ غريبن لاءِ انقلابي قدم کنيا آھن.اسان عوام کي سندن حق ڏنا،ھارين کي زمين جو مالڪ بڻايو،غريبن جي ڀلائي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پرگرام اڄ دنيا ۾ ھڪ مثالي پروگرام تسليم ڪيو وڃي ٿو.چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو تھ شھيد محترمھ بينظير ڀٽو ھارين کي فائدي ڏيڻ جي لاءِ تدبيرون ڪندي ھئي.سندس خواھش ھئي تھ منھنجي ملڪ جو ھاري خالي پيٽ نھ سمھي ۽ ان مقصد جي لاءِ ھن گھڻي ڌيان ۽ دليري سان ڪم ڪيو.
چيئرمين بلاول ڀٽو چيو تھ صدر زرداريءَ جي پھريون ڀيرو صدارتي منصب سنڀالڻ وقت اسين زرعي شيون در آمد ڪندا ھئاسين،جنھن ڪري اسان جو ھاري پنھنجي پنھنجي محنت جي جائز معاوضي کان محروم ۽ ڳڻتي جوڳي حالت جو شڪار ھو، پر صدر زرداري زرعي جنس تي لڳندڙ پرڏيھي ناڻي کي مقامي ھاري تي خرچ ڪرڻ وجو فيصلو ڪيو ۽ صدر زرداري ان ھاري دوست انقلاب جي بدولت ھاري پوري محنت سان زمين پوکي جنھن جو نتيجو اھو نڪتو تھ کنڊ،چانور،ڪڻڪ جھڙين شين کي درآمد ڪندڙ پاڪستان ھڪ سال جي گھٽ کان گھٽ مدت ۾ اناج ۽ جنسن جي پئداوار ۾ نھ رڳو خود ڪفيل ٿي ويو بلڪھ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي قابل ٿي ويو ھو. چيئرمين بلاول ڀٽي چيو تھ اڄ پاڪستان ۾ سمورا طبقا مشڪلات جو شڪار آھن پر اسان کي ان مشڪلات مان ڪڍڻو آھي.مان پنھنجي نسل لاءِ ۽ خاص ڪري ھاري جي لاءِ فڪرمند آھيان ڇاڪاڻ جو موسمن جي تبديلي جي ڪري سڌي ريت ۽ سڀ کان وڌيڪ اثر ھاري تي پئجي رھيو آھي.ھن چيو تھ ائين ايئن نٿو ٿي سگھي تھ وڏا ماڻھون عيش ڪن ۽ غريبن جي مشڪلات جو حل نھ ڪڍيو وڃي.
ھن زرعي شعبي جي ترقي لاءِ پنھنجي ويزن کي چٽو ڪندي چيو تھ زراعت کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ ان شعبي ۾ سرمائيڪاري ۽ مالي معاونت جي فراھمي سان گڏ ان کي جديد زرعي ٽيڪنڪ تي منتقل ڪرڻو پوندو. ھاري کي اھڙو ٻج مھيا ڪرڻو پوندو جيڪو ھر مند ۾ پيداوار ڏئي سگھي.چيئرمين بلاول ڀٽو واضح ڪيو تھ زرعي شعبي کي ڊي ريگيوليٽ نھ پر ريگيوليٽ ڪرڻو پوندو.ھن شڪر ادا ڪيو تھ سنڌ حڪومت ھر مشڪل وقت ۾ پنھنجي ھاري جو ساٿ ڏنو آھي.ھن چيو تھ وڏين مافيائن پاران سازشون ڪيون وڃن ٿيون،پر پيپلزپارٽي ھميشھ ھارين سان گڏ بيٺي آھي.ھن چيو تھ قدرتي آفتن ۾ فصل کي پھچندڙ نقصان جي تلافي جي لاءِ فصل جي ويمي ( ڪراپ انشورنس) جو منصوبو ھئڻ گھرجي.تمام ضروري آھي تھ اسين موسمياتي تبديلين کان بچڻ جي لاءِ تياريون ڪريون ۽ ان مقصد جي لاءِ اسين فصل کي رسندڙ نقصان کان ھارين کي تحفظ ڏين جي لاءِ بينظير ھاري ڪارڊ ذريعي مالي مدد پھچائي آھي ۽ پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت پارٽي جي منشور ۾ ڪيل واعدو ھڪ سال جي ٿوري مدي ۾ پورو ڪري ڇڏيو آھي.جنھن تي سنڌ حڪومت مبارڪ جي حقدار آھي. بينظير ڪارڊ کي اسين سنڌ کان شروع ڪري رھيا آھيون پر انشاالله ان جو دائرو سڄي پاڪستان ۾ ڦھلائينداسين،تھ جيئن سڄي ملڪ جا ھاري بينظيرھاري ڪارڊ مان فائدو حاصل ڪري سگھن.
ھارين جي مدد جي لاءِ فنڊز جي حصول جي لاءِ تدبير ڏيندي چيئرمين بلاول جو چوڻ ھو تھ فرٽيلائيزر ڪمپنين کي ڏني ويندڙ اربن جي سبسڊي کي روڪيو وڃي ۽ اھو ئي پئسو بينظير ھاري ڪارڊ جي ذريعي ڏنو وڃي.پنھنجي خطاب ۾ پيپلزپارٽي جي باني چيئرمين شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ملڪ جي غريبن،مزدوران،ھارين ۽ پيٺل طبقي جي لاءِ بي مثال خدمتن کي ياد ڪندي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو تھ شھيد محترمھ بينظير ڀٽو ھن ملڪ ۾ آئين جي بالادستي ۽ جمھوريت جي لاءِ ميثاق جمھوريت تي عمل ڪرڻ جو واعدو ڪيو ھو. ھوءَ انھي عزم سان پاڪستان واپس آئي ھئي تھ ميثاق جمھوريت تي عمل درآمد کي يقيني بڻائيندي ۽ انھيءَ جدوجھد ۾ محترمھ شھيد ٿي وئي. محترمھ جي شھادت بعد اسين ميثاق جمھوريت ۾ ڪيل شھيد بي بي جي واعدن کي جنھن طريقي سان پوروڪري رھيا آھيون اھڙي ريت ان جي تڪميل پڻ ڪنداسين ۽ ڪنھن بھ صورت انھن وعدن تي سمجھوتو نھ ڪنداسين.ھن جوش ڀرئي انداز ۾ چيو تھ اسين عوام سان وعدو ڪريون ٿا تھ ”شھيد بي بي جو وعدو نڀائڻو آھي،پاڪستان بچائڻو آھي“ .
چيئرمين بلاول چيو تھ شھيد بي بي ميثاق جمھوريت ۾ برابري جي بنياد تي انصاف جي فراھمي جي لاءِ چئني صوبن مان مساوي ججن جي مقرري جي بنياد تي وفاقي آئيني عدالت جو تصور ڏنو ھو.برابري جي بنياد تي قائم وفاقي آئيني عدالت ۾ وفاقي تڪرارن جو حل ڪڍيو ويندو. بھرحال ميثاق جمھوريت ۾ انصاف جي نظام جي ڪمزورين کي دور ڪرڻ جو حل پڻ ڏنوويو آھي.
اسين شھيد محترمھ جي واعدن کي پورو ڪنداسين ۽ جيڪي چون ٿا تھ پوئتي ھٽو، مان انھن کي اھو باور ڪرائڻ چاھيان ٿو تھ توھان پوئتي ھٽو. اسان کي انصاف جو نظام قائم ڪرڻو آھي،پيپلز پارٽي جون ڏنل ترميم جي لاءِ آئيني تجويزون شھيد محترمھ بينظير ڀٽو جي ويزن جي عين مطابق آھن ۽ پيپلزپارٽي مولانا فضل الرحمان سميت سمورين سياسي جماعتن سان پڻ مفيد مشورا ڪيا آھن ۽ انشاالله اسين آئيني ترميمن کي متفقھ طور تي ممڪن بڻائينداسين تھ جيئن برابر جي بنياد تي وفاقي آئيني عدالت قائم ٿئي.اسان اڳ ۾ پڻ برابر جي بنياد تي ڊيوا لوشن آف پاور جو تصور ڏنو ھو ۽ انھيءَ بنياد تي اسين ھي برابري جو حق گھري رھيا آھيون.ھن عوام کي دعوت ڏني تھ ھن 18 آڪٽوبر تي اسين سڀ سنڌ جي تاريخي شھر حيدرآباد جي جلسي ۾ گڏ ٿي ڪري برابري جو پنھنجو حق طلب ڪنداسين