لاهور ۾ شاگردياڻي بابت اسلام آباد ۾ به احتجاج، پنجاب ۾ تعليمي ادارا بند، جلسن تي بندش

لاهور/ راولپنڊي( م ڊ) لاهور جي ڪاليج ۾ شاگردياڻي سان زيادتي واري معاملي تي احتجاج اسلام آباد ۽ راولپنڊي تائين پهچي ويو آهي. جڏهن ته پنجاب حڪومت اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ اڄ موڪلن  جو اعلان ڪندي پنجاب ۾ جلسن جلوسن تي بندش هڻي ڇڏي آهي. لاهور کان پوءِ پنجاب صوبي جي راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ احتجاج کانپوءِ 250 شاگردن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي ۽ 36 خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. راولپنڊي پوليس جي ترجمان موجب راولپنڊي ۾ وڊيو فوٽيجز ۽ تصويرن ذريعي شاگردن جي سڃاڻپ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي ۽ ڀڃ ڊاهه ۾  ملوث 250 کان وڌيڪ ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.  ايف آءِ اي لاهور جي هڪ خانگي ڪاليج جي شاگردياڻي سان زيادتي جي الزام ۾ سوشل ميڊيا تي پروپيگنڊا ڪرڻ تي ڪيترن ئي صحافين ۽ يوٽيوبرز سميت 38 ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.  سينيئر صحافي ۽ تجزيه نگار اياز امير، عمران رياض، سميع ابراهيم، فرح اقرار، صحافي شاڪر محمود اعواڻ، راجا احسن نويد، فيصل پاشا، نعيم بخاري، عمر دراز گوندل، رابعه ملڪ، ثاقب جميل، فراقان، ايڊووڪيٽ ميان عمر ۽ حسيب شامل آهن. ڪيس ۾ سينيئر صحافين ۽ تجزيه نگارن کي به نامزد ڪيو ويو آهي. پنجاب حڪومت صوبي ۾ اڄ سمورا سرڪاري ۽ نجي اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون بند رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. هائير ايجوڪيشن ڊپارٽمنيٽ ۽ اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ طرفان تعليمي ادارن ۾ موڪل جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. هوڏانهن پنجاب حڪومت صوبي ۾ ٻن ڏينهن لاءِ قلم 144 پڻ لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن موجب صوبي ۾ هر قسم جي احتجاج، جلوس جهڙي سرگرمي تي پابندي هوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.