اسلام آباد (م ڊ) آئيني ترميمن جي حوالي سان اهم اڳڀرائي سامهون اچي وئي، پ پ ۽ ن ليگ آئيني عدالتن جي قيام تان هٿ کڻي ويون. آئيني عدالت يا آئيني بئنچ نه پر آئيني ڊويزن تي اتفاق ٿي ويو آهي. خورشيد شاهه جي صدارت هيٺ خاص پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 26هين آئيني ترميم جي مسودي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ذريعن موجب حڪومتي اتحادي جماعتن ۽ جي يو آءِ ۾ آئيني عدالت جي قيام جي 26هين آئيني ترميم ڊراپ ڪرڻ ۽ آئيني ڊويزن جوڙڻ تي اتفاق ٿي ويو. تجويز ڪيل مسودي جي متن ۾ چيو ويو آهي ته 26هين آئيني ترميم ۾ آئيني عدالت کي آئيني بئنچ نه پر آئيني ڊويزن جي تجويز ڏني وئي آهي. پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس ۾ آئيني عدالت بدران آئيني ڊويزن جوڙڻ تي اتفاق ڪيو ويومتن موجب نئين آرٽيڪل 191 اي ۾ سپريم ڪورٽ ۾ ”آئيني ڊويزن“ جو قيام شامل آهي، ججن جي تعداد جو تعين جوڊيشل ڪميشن ڪندي. سڀني صوبن لاءِ جيترو ٿي سگهيو برابر نمائندگي ڏني ويندي، سپريم ڪورٽ جي جج کي اصل دائره اختيار ،سوموٽو جي اجازت نه هوندي، سپريم ڪورٽ جو ڪوبه جج آئيني اپيلن يا صدارتي ريفرنسز ٻڌڻ جو مجاز نه هوندو. متن موجب پاڻمرادو نوٽيس ۽ اصل دائره اختيار جي ٻڌڻي ”آئيني ڊويزن“ جي 3 رڪني بينچ ٻڌندي. صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي ۽ فيصلو ”آئيني ڊويزن“ جي 3 رڪني بينچ ڪندي، آئيني اپيلن تي ٻڌڻي آئيني ڊويزن جي 3 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪندي. حڪومتي مسودي جي متن ۾ چيو ويو آهي ته آئيني ڊويزن سپريم ڪورٽ جي 3 سينيئر ججن تي ٻڌل هوندي، التوا واري ڪيس ۽ نظرثاني درخواستن کي سپريم ڪورٽ ۾ آئيني ڊويزن جي دائري اختيار ۾ منتقل ڪيو ويندو. مسودي ۾ چيئرمين جوائنٽ چيفس، چيفس آف سروسز جي ٻيهر مقرري ۽ مدي ۾ واڌ جي ضابطن کي آئيني تحفظ حاصل آهي. ان لاءِ آئين ۾ اٺين شيڊول جي تجويز ڏني وئي آهي. آرٽيڪل 243 ۾ هڪ نئين شق 5 شامل ڪرڻ جي تجويز آهي، جنهن ۾ ترميم کانسواءِ انهن قانونن کي تبديل نٿو ڪري سگهجي.متن ۾ چيو ويو آهي ته هاءِ ڪورٽ کي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو اختيار نه هوندو، آرٽيڪل 175 اي تحت جڊيشل ڪميشن جا موجوده ميمبر برقرار، پارليامينٽ جا 4 ميمبر شامل ڪيا ويندا، ڪميشن جي ميمبرن جو ٽيون حصو هوندو. چيئرمين کي لکت ۾ اجلاس سڏائڻ جي درخواست ڪري سگهي ٿو. چيئرمين 15 ڏينهن ۾ اجلاس سڏائڻ جو پابند هوندو، اجلاس نه سڏڻ جي صورت ۾ سيڪريٽري کي 7 ڏينهن ۾ اجلاس سڏائڻ جو اختيار هوندو. آرٽيڪل 63 اي ۾ ترميم ڪئي ويندي، پارٽي سان اختلاف ڪندڙ ميمبر جي ووٽ کي ڳڻيو ويندو. حڪومتي مسودي جي متن موجب آرٽيڪل 48 مان لفظ ”وزير“ ۽ ”مملڪتي وزير“ کي ختم ڪيو وڃي. رڳو ڪابينا يا وزيراعظم طرفان صدر ڏانهن موڪليل سمري کي ڪنهن به عدالت ۾ چئلينج نٿو ڪري سگهجي. آرٽيڪل 81 ۾ ترميم ڪندي سپريم جڊيشل ڪائونسل ۽ چونڊن جا فنڊ لازمي خرچن ۾ شامل ڪيا ويندا. آرٽيڪل 111 ۾ ترميم ڪندي صوبائي صلاحڪارن کي به اسيمبلي ۾ خطاب جو حق ڏنو ويندو. متن ۾ چيو ويو آهي ته آرٽيڪل 184 (3) تحت سوموٽو يا ابتدائي ٻڌڻي وارن ڪيسن ۾ سپريم ڪورٽ رڳو درخواست ۾ داخل ڪيل درخواست جي حد تائين فيصلو جاري ڪري سگهي ٿي. آرٽيڪل 186 اي ۾ ترميم ڪرڻ سان سپريم ڪورٽ کي بااختيار بڻايو ويندو ته هو ڪيس، اپيلون ڪنهن ٻئي هاءِ ڪورٽ ۾ منتقل ڪري سگهن. متن ۾ چيو ويو آهي ته آرٽيڪل 184 (3) تحت سوموٽو يا ابتدائي ٻڌڻي وارن ڪيسن ۾ سپريم ڪورٽ رڳو درخواست ۾ داخل ڪيل درخواست جي حد تائين فيصلو جاري ڪري سگهي ٿي.