اسلام آباد)ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب بجلي جي اگهن بابت سوال تي واضح جواب ڏيڻ کان لنوائي ويو.
قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب کان سوال ڪيو ويو ته ڇا بجلي تي سبسڊي ختم ٿي رهي آهي؟
جنهن تي محمد اورنگزيب چيو ته توانائي وارو وزير اويس لغاري ۽ وزيراعظم مسلسل ان تي ڪم ڪري رهيا آهن، ايندڙ ڏينهن ۾ بجلي سبسڊي تي وڌيڪ ڳالهه ٻولهه ٿيندي.
ڪميٽي ۾ ناڻي واري وزير کان پڇيو ويو ته بجلي سستي ٿيندي يا مهانگي؟
ان تي محمد اورنگزيب واضح جواب ڏيڻ کان پاسو ڪندي چيو ته ان بابت ڪجهه نٿو چئي سگهان.
هن چيو ته آءِ ايم ايف بورڊ جو اجلاس سڀاڻي ٿيندو، اسان جا هدف پورا آهن، قرض جي منظوري آءِ ايم ايف بورڊ تي دارومدار رکي ٿي.