ڀارتي رپورٽن موجب اداڪارا نورا فتحي کي فلم ”ڪي ڊي – دي ڊيوِل“ جي گاني ”سرڪي چنر“ بابت جاري تڪرار سبب عورتن بابت قومي ڪميشن (اين سي ڊبليو) طلب ڪري ورتو آهي. رپورٽن مطابق نورا فتحي کي 6 مئي تي ڪميشن طرفان نوٽيس جاري ڪيو ويو، جنهن بعد کيس 7 مئي تي صبح 11:30 وڳي اختيارين آڏو پيش ٿيڻ لاءِ چيو ويو آهي.
ڀارتي رپورٽن موجب هي تڪرار ان وقت شروع ٿيو، جڏهن گاني ”سرڪي چنر“ جو هندي ورزن آن لائن جاري ڪيو ويو. مارچ ۾ رليز ٿيندڙ هن گاني تي سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد ڪئي وئي، جتي ڪيترن ئي واهپيدارن گاني جي لفظن کي غيرمناسب ۽ اشارن سان ڀرپور قرار ڏنو. جڏهن ته گاني ۾ عورتن جي وقار تي به سوال اٿاريا ويا ۽ مواد جي ذميواري بابت بحث شروع ٿي ويو.
رپورٽن موجب نورا فتحي اڳ ۾ ئي پاڻ کي هن تڪرار کان ڌار ڪندي چيو هو ته هن صرف گاني جي ڪناڊا ورزن لاءِ شوٽنگ ڪرائي هئي ۽ هندي ورزن لاءِ سندس اجازت نه ورتي وئي هئي. جڏهن عورتن بابت قومي ڪميشن کيس شروعاتي طور طلب ڪيو هو ته اداڪارا ٻڌايو هو ته هو ملڪ کان ٻاهر آهي، جنهن بعد هن ٻي تاريخ ڏيڻ جي درخواست ڪئي هئي.
ڀارتي رپورٽن موجب گذريل ڪجهه هفتن دوران گاني بابت قانوني جاچ وڌيڪ تيز ٿي وئي آهي. گذريل مهيني اداڪار سنجي دت، جيڪو پڻ هن ڊانس نمبر ۾ شامل هو، کيس به ساڳئي معاملي ۾ قومي ڪميشن طلب ڪيو هو. رپورٽن مطابق سنجي دت بعد ۾ معافي وارو بيان جاري ڪندي گاني سان پنهنجي لاڳاپي تي افسوس ظاهر ڪيو. هن عورتن جي ڀلائي بابت قدمن جي حمايت جو اعلان پڻ ڪيو ۽ ٻڌايو پيو وڃي ته هن 50 قبائلي نياڻين جي تعليم جا خرچ برداشت ڪرڻ تي به رضامندي ظاهر ڪئي آهي.
رپورٽن موجب ”سرڪي چنر“ تڪرار هڪ ڀيرو ٻيهر فلم سازن ۽ موسيقي ٺاهيندڙن جي ذميوارين بابت بحث کي هٿي ڏني آهي، خاص طور تي گيتن جي لفظن ۽ عورتن جي وقار بابت. جڏهن ته فلم ”ڪي ڊي- دي ڊيوِل“ هن وقت تيار ٿيندڙ اهم ڪناڊا فلمن مان هڪ سمجهي پئي وڃي، جنهن ۾ ڌرو سارجا، شلپا شيٽي، وي روچندرن، ريشما ننايا ۽ جشو سينگپتا اهم ڪردارن ۾ شامل آهن.