راڌڻ ڀرسان شيخ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، چڱو مڙس قتل، ڌرڻو

راڌڻ (رپورٽ: ھريش ڪمار)راڌڻ ڀرسان ڪچي واري علائقي ۾ شيخ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، لٺين، ڪهاڻي ۽ سروٽن جو استعمال، چڱو مڙس قتل ٿي ويو، 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا، راڌڻ ڀرسان شاھ پنجو سلطان ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ڳوٺ مومن شيخ ۾ پلاٽ جي پراڻي معاملي تان شيخ برادري جي ٻن ڌرين ۾ خوني جهيڙو ٿي پيو، لٺين، ڏنڊن، ڪهاڙين ۽ سروٽن جي آزادانا استعمال جي نتيجي ۾ ڳوٺ جو چڱو مڙس يونس شيخ قتل ٿي ويو، ٻن سالن کان هلندڙ پلاٽ جو تڪرار تيز ٿي ويو، جنهن دوران ٻنهي ڌرين پاران هڪ ٻئي تي حملو ڪيو ويو، جهيڙي ۾ يونس شيخ، بگن، مجيد، ناظم شيخ، نوشاد سڄڻ موج علي. رشيد شيخ ۽ ٻين سميت 13 ڳوٺاڻا سخت زخمي ٿيا زخمين کي فوري طور مختلف ميھڙ لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي زخمن جا سور نه سهندي ڳوٺ جو  چڱو مڙس يونس شيخ قتل ٿي ويو، نٽھڻ اس ۾ نئون ڳوٺ بچاءُ بند تي لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو، واقعي کان پوءِ مقتول جي وارثن امان الله شيخ نوشاد شيخ ۽ ٻين بچاءُ بند تي لاش رکي احتجاجي ڌرڻو هنيو، ڌرڻي سبب ميهڙ راڌڻ ۽ نئون ڳوٺ روڊ تي هر قسم جي ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ مسافرن کي سخت ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پيو، احتجاج ڪندڙن شاهه پنجو پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪندي الزام لڳايو ته پوليس جوابدارن جي سهولتڪار بڻيل آهي سڄڻ شيخ نالي شخص ٻن سالن کان زمين تي مبينا قبضي جي ڪوشش ڪري رهيو هو، پر پوليس ڪا ڪارروائي نه ڪئي پوليس جي سستي ۽ لاپرواهي سبب جوابدارن گهرن تي حملو ڪيو ۽ يونس شيخ کي قتل ڪري آسانيءَ سان فرار ٿي ويا، مظاهرين جو چوڻ هو ته واقعي کان پوءِ انتظاميا پاران ڪا به مدد نه ملي، ايتري تائين جو ايمبولينس نه ملڻ سبب هو لاش کي پنهنجي مدد پاڻ تحت ڊالي ۾ کڻي وڃڻ تي مجبور ٿيا،مقتول جي وارثن ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي ۽ غفلت ڪندڙ پوليس اهلڪارن کي سزا ڏئي کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.