فلم ”بندر“ جو ٽيزر جاري: بابي ديول پنهنجي انوکي انداز ۾ پيش

ڀارتي رپورٽ موجب انوراگ ڪشپ جي هدايتڪاري هيٺ ٺهيل فلم ”بندر“ جو ٽيزر 7 مئي تي جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ڏسندڙن کي فلم جي منفرد ڪهاڻي ۽ انداز جي پهرين جهلڪي ڏيکاري. هي فلم 5 جون 2026ع تي سڄي دنيا جي سينيما گهرن ۾ رليز ٿيندي. رپورٽن موجب هي فلم بابي ديول ۽انوراگ ڪشپ جي پهرين گڏيل منصوبي طور به ڏٺي پئي وڃي، جنهن سبب مداحن ۾ وڏي دلچسپي پيدا ٿي وئي آهي.

ڀارتي رپورٽن موجب ٽيزر ۾ بابي ديول کي انتهائي مختلف ۽ رنگين انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي، جيڪو سندس تازن سنجيده ۽ اونداهن ڪردارن کان مڪمل طور مختلف نظر اچي ٿو. ٽيزر جي شروعات ۾ تيز رفتار، رنگين ۽ افراتفري وارو ماحول ڏيکاريو ويو آهي، پر آهستي آهستي فلم جو ماحول وڌيڪ جذباتي ۽ ڳنڀير ٿيندو وڃي ٿو، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪهاڻي رڳو هلڪي ڦلڪي نه پر پيچيده لاڳاپن ۽ جذباتي تڪرارن تي به ٻڌل هوندي. ٽيزر ۾ 70ع واري مشهور گاني ”ڪم آن بي بي دل ڪسڪو ديگي“ جي نئين انداز ۾ پيشڪش پڻ شامل آهي، جيڪا بابي ديول جي ڊسڪو طرز واري روپ سان گڏ وڌيڪ ڌيان ڇڪائي ٿي.

ڀارتي رپورٽن موجب فلم ۾ سانيا ملهوترا، راج بي شيٽي، سپنا پبي، صبا آزاد، رڌي سين، جتيندر جوشي، اندراجيت ۽ ناگيش ڀونسلي پڻ اهم ڪردارن ۾ شامل آهن. فلم جي ڪهاڻي سُديپ شرما ۽ اڀيشيڪ بينرجي لکي آهي، جيڪي پاتل لوڪ، ڪوهرا ۽ اُڙتا پنجاب جهڙن منصوبن سبب مشهور آهن.

رپورٽن موجب انوراگ ڪشپ هڪ ڀيرو ٻيهر انساني لاڳاپن، جذباتي ڇڪتاڻ ۽ اخلاقي پيچيدگين تي ٻڌل ڪهاڻي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن سبب بندر کي جون 2026ع جي اهم فلمن مان هڪ قرار ڏنو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.